سسئي

سسئي: مشهور داستان، ’سسئي پنهونءَ‘ جو نسائي ڪردار. سنڌ جي مشهور نيم تاريخي ۽ عشقيه لوڪ داستانن ۾ سسئي پنهونءَ جو داستان سڀ کان وڌيڪ مقبول رهيو آهي. سسئي، شاهه لطيف جي سورمين مان هڪ آهي. ’تحفته الڪرام‘ جي مصنف موجب سسئيءَ جو تعلق ’برهمڻ آباد‘ سان هو، سسئيءَ جي پيءُ جو نالو نائون برهمڻ ۽ ماءُ جو نالو منڌر هو.
عام روايتن موجب نائون ۽ منڌر کي اولاد ڪو نه ٿيندو هو، پر جڏهن کين سڪي پني هڪ ڌيءَ ڄائي ته ان جي ڄمڻ تي سندس مائٽن نجوميءَ کان جنم پتري ڪڍائي، جنهن ستارن جو حساب لڳائي کين ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جو انگ ڪنهن مسلمان سان لکيل آهي. اهو ٻڌي مائٽن بدناميءَ جي خيال کان ڊڄي، ان ننڍڙي ڇوڪريءَ کي هڪ صندوق ۾ وجھي درياهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. اها صندوق لڙهندي لڙهندي وڃي ڀنڀور شهر جي گھاٽ کان نڪتي، جتي اها محمد نالي هڪ ڌوٻيءَ کي ملي. محمد ڌوٻي ۽ سندس زال بي اولاد هئا، سو انهن ڇوڪريءَ کي خدا جي نعمت سمجھي، سڳيءَ ڌيءُ وانگر لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو، ڇوڪري سهڻي هئي، سندس نالو ’سسئي‘ رکيائون, جنهن جي معنيٰ آهي: ’چنڊ جهڙي‘. سسئي جڏهن وڏي ٿي ته سندس سونهن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي. تن ڏينهن ۾ ڏورانهن علائقن کان تجارتي قافلا ڀنڀور ۾ اچي ڊاٻو ڪندا هئا. ڪيچ مڪران جو شهزادو پنهون به سسئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي قافلي سميت اچي ڀنڀور پهتو، ساٿين کي واپس موڪلي پاڻ ڀنڀور ۾ رهي پيو ۽ ويس بدلائي محمد ڌوٻيءَ وٽ ملازم بڻجي ڌوٻي گھاٽ تي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو، جتي سندس ملاقات سسئيءَ سان ٿي. سسئي ۽ پنهونءَ جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي ۽ پنهونءَ جي سڱ گھرڻ تي مائٽن سسئيءَ جي شادي پنهونءَ سان ڪرائي ڇڏي، پر اها ڳالهه پنهونءَ جي ڀائرن ۽ ساٿين کي ڪانه وڻي. هو دل ۾ دغا سمائي اچي پنهونءَ جا مهمان ٿيا، مهمانن جي ٽهل ٽڪور بعد سسئي سويل ئي سمهي رهي، تڏهن رات جو پنهونءَ جا ڀائر پنهونءَ کي نشو ڏئي اٺ تي چاڙهي زوريءَ پاڻ سان وٺي ويا. جڏهن صبح جو سسئي جاڳي ۽ ڏٺائين ته پنهون موجود ڪونهي. حقيقت معلوم ٿيڻ تي هن پاڻ کي ڏوهي سمجھيو، جو سنجھي ئي غافل ٿي سمهي رهي هئي. هوءَ مائٽن، سرتين ۽ سهيلين جي منع جي باوجود پنهونءَ جي ڳولا ۾ نڪري پئي. روايتن موجب هوءَ پٻ جبل کان هاڙهي جبل تائين پيرين پيادي ڪاهيندي وئي. رستي ۾ هڪ هنڌ کيس اڪيلو ڏسي ايل پنهوار نالي هڪ ٻڪرار جي نيت خراب ٿي پئي، تڏهن سسئيءَ روئي الله پاڪ کان پناهه گھري، روايتن ۾ آهي ته اُن مهل زمين ڦاٽي پئي ۽ سسئي ان ۾ گھڙي وئي، پر سندس چنيءَ جو پاند ٻاهر رهجي ويو. اهو لقاءُ ڏسي ايل پنهوار کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ۽ اتي ئي سسئيءَ جي قبر ٺاهي مجاور ٿي ويهي رهيو. هوڏانهن پنهون هوش ۾ اچڻ کانپوءِ ڀائرن کان پاڻ ڇڏائي جڏهن واپس وريو ته رستي ۾ ايل پنهوار کان سسئيءَ جو ڏس پڇيائين، جنهن کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، پنهونءَ سسئيءَ جي چنيءَ کي به سڃاتو، ان بعد پنهونءَ به سسئيءَ سان هڪ ٿيڻ لاءِ الله پاڪ کي ٻاڏايو ۽ ساڳئيءَ طرح ٻيهر زمين ڦاٽي پئي ۽ پنهون به ان ۾ سمائجي ويو ۽ وڃي سسئيءَ سان مليو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سسئيءَ جي ڪرادار جي جيڪا منطقي ارتقا ڏسڻ ۾ ٿي اچي، اُن ۾ سسئيءَ جي سونهن، سوڀيا، محبت ۽ شاديءَ جي رواجي ڳالهين کانپوءِ سندس غافل ٿي سمهڻ کي هڪ قسم جي خطا يا غلطي چيو ويو آهي. جنهن ڪري هوءَ پنهنجو مطلوب/ محبوب وڃائي ويهي ٿي، پر اها ئي خطا سندس زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ هوءَ هڪ نئين عزم۽ حوصلي سان پنهنجي محبوب پنهونءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪري پوي ٿي ۽ جبلن ۽ ڏونگرن جا ڏکيا پنڌ ڪري ٿي. سندس ڪردار جي انهيءَ پهلوءَ لوڪ شاعرن سان گڏ ڪلاسيڪي شاعرن کي تمام گھڻو اتساهيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قاضي قادن، ميين شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن کيس تمام گھڻو واکاڻيو ۽ ڳايو آهي. خاص ڪري سندس جذبي ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جدوجهد واري پهلوءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. خاص طور تي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف کيس پنجن سُرن ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه صاحب سسئيءَ جي قصي کي روايتي آکاڻيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ بدران ان جي جدوجهد، سچائي ۽ مقصود کي حاصل ڪرڻ واري رخ کي ڳايو آهي. سنڌي ادب ۽ ڪلچر ۾ سسئيءَ جو ڪردار همت، حوصلي ۽ جدوجهد جي علامت بڻجي چڪو آهي، جنهن قسمت اڳيان هار نه مڃي، پر تدبير جاري رکي، سسئيءَ جو ڪردار کي سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، فارسي ۽ اردوزبانن ۾ به ڳايو ويو آهي. پر انهن زبانن ۾ سندس ڪردار ايترو پختو ۽ مثالي نه ٿو لڳي، جيترو سنڌي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويوآهي. سسئي سنڌي شاعريءَ جي لاڏلي سورمي آهي. سندس ارادي جي مضبوطي ۽ ڏاڍن ڏونگرن سان وڙهڻ کي شاهه لطيف هن ريت ساراهيو آهي:
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين،
تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ائين ڪيو.


لفظ سسئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو