سسئي آبري (سُر): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شارحن ۽ محققن پنھنجي اڪثر لکڻين ۽ رسالن ۾ لکيو آهي تہ هن نالي سان ڪا بہ راڳڻي هندستاني موسيقيءَ ۾ ڪانهي، هن سُر جو نالو مضمون موافق رکيو ويو آهي، جنهن صورت ۾ هن سُر ۾ سسئي پنهونءَ جي قصي جي سورمي سسئيءَ جي اڀرائيءَ (ڪمزوريءَ) جو ذڪر ٿيل آهي، تنهن صورت ۾ مٿس عنوان ئي آبري (اَڀري) رکيو اٿن.
جيتوڻيڪ سر سسئي آبري يا اَڀريءَ جي نالي سان ڪو بہ راڳ، راڳ جي آڳاٽن ڪتابن ۾ نٿو ملي ۽ نڪي اهو راڳ سنڌ جي عوامي ڪچهرين ۾ مروج آهي، پر اهو راڳ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا راڳي، شاھہ جي راڳ ڳائڻ مھل سر سهڻيءَ کانپوءِ ڳائين ٿا.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳ ڳائڻ وارن مان راڳ اخذ ڪرڻ جا ٻہ ئي طريقا آهن: هڪڙو تند تنوار مان ۽ ٻيو ڇيڙ. تند تنوار ۾ فقراء اُهي غير منظم سُر استعمال ڪندا آهن، جن کي موسيقيءَ جو قانون قبول ڪري نہ سگهندو، ڇو جو انهن ۾ تيور، شُڌ ۽ مڌم جو ڪو بہ امتياز معلوم نہ ٿيندو آهي، ۽ ٻيو اهو تہ تند تنوار وارا سر وري ڇيڙ جي سرن سان نہ ملندا آهن.
تند تنوار مان ڪنهن راڳ جي صحيح شڪل اخذ ڪرڻ مشڪل آهي. ٻيو طريقو آهي ڇيڙ مان راڳ جي شڪل اخذ ڪرڻ.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳ جو موجودہ انداز اهڙو آهي، جنهن مان ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات ۾ ڪو فرق نظر نٿو اچي. سڀني راڳن جي ادائگي تقريباً هڪجهڙي نظر اچي ٿي. ادائگيءَ مھل ٻين راڳن ۾ ’وو- وو‘ چوڻ ۽ ڪيڏاري ۾ ’ٻر- ٻر وو‘ چوڻ سان راڳ جو انداز بدلجي نٿو سگهي. ان ڪري ڇيڙ مان راڳ جي صحيح شڪل اخذ ڪرڻ بہ مشڪل آهي، جيستائين موجودہ ادائگيءَ جي انداز کي سوڌي سنواري ڪنهن صحيح هنڌ تي نہ بيهارجي. هتي هن ڳالھہ مان اهو ڪڏهن بہ وسارڻ نہ گهرجي تہ شاھہ لطيف جو ڪلام موسيقيءَ جي مضبوط بنيادن تي رکيل آهي. ان ڪري اسين موسيقيءَ جي بنيادي اصولن کي وساري نٿا سگهون. ان حوالي سان اهو پڻ ثابت ٿيو تہ شاھہ لطيف جي راڳ جي موجودہ ادائگيءَ مان ڪنهن بہ راڳ جي شڪل اخذ ڪرڻ مشڪل آهي. تند تنوار فقط هنربنديءَ جو اظهار آهي ۽ ڇيڙ محض ادائگيءَ جو نالو آهي. اُن لاءِ ضروري آهي تہ شاھہ لطيف جي ڪنهن راڳ کي ڳولڻ لاءِ قرائن ۽ آثار کان ڪم وٺون، ائين ڪرڻ سان موسيقيءَ جي معياري اصولن تي يقيناً ڪنهن نج سنڌي راڳ کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهجي ٿو ۽ ائين وڃايل راڳ بہ وري حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ نوان نج سنڌي راڳ ايجاد ڪري سنڌ جي موسيقيءَ جي خدمت ڪري سگهجي ٿي.
سسئي آبري يا اڀري بہ سنڌ جو هڪ وڃايل راڳ آهي، جنهن کي موجودہ زماني ۾ ڳولهي لھڻ مشڪل آهي، پر موسيقيءَ جي معياري اصولن مطابق ائين ضرور چئي سگهبو تہ هن نج سنڌي راڳ ۾ ڪنهن سنڌي راڳ جا لڇڻ ضرور هوندا ۽ موسيقيءَ جي قانون جي لحاظ سان ڪنهن سنڌي راڳ ۾ هي لڇڻ هئڻ ضروري آهن:
• رکب ۽ ڌيوت ڪومل هئڻ گهرجن. يعني آروهي ۽ امروهيءَ ۾ رکب ۽ ڌيوت ڪومل هئڻ گهرجن، ائين ڪرڻ سان راڳ ۾ سنڌي لڇڻ نمايان ٿيندو.
• گنڌار ۽ نکاد جا سُر تيور هئڻ گهرجن، يعني آروهي ۽ امروهي ٻنهيءَ ۾ گنڌار ۽ نکاد جا سُر تيور هئڻ گهرجن، ائين ڪرڻ سان راڳ ۾ سنڌي لڇڻ نمايان ٿيندو.
انهيءَ قانون مان اهو معلوم ٿيو تہ ڪنهن بہ راڳ جي آروهي ۽ امروهيءَ ۾ هيٺيان سر ضرور لڳندا. کرج، رکب، ڪومل، گنڌار، تيور، ڌيوت، ڪومل ۽ نکاد تيور باقي ٻہ سر، مڌم ۽ پنجم، انهن لاءِ قانون اهو آهي تہ ڪنهن بہ راڳ مان هڪ ئي وقت تي ٻئي سُر ڪڍي نہ سگهبا، ان ڪري سسئي آبريءَ جي راڳ ۾ مڌم پنجم ٻئي يا ٻنهيءَ مان ڪو بہ هڪڙو ضرور استعمال ڪبو، پر ان شرط سان تہ ڪنهن بہ مروج راڳ سان ٺهڪي نہ اچي.
جيڪڏهن هن راڳ ۾ اسين شُڌ مڌم جو سُر شامل ڪنداسين تہ پوءِ هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت عموماً صبح جو پھر ٿي ويندو، اُن ڪري تيور مڌم ئي صحيح سر معلوم ٿئي ٿو. اهو ان ڪري بہ جو شاھہ لطيف جي راڳ ۾ سُر آبري، سُر سهڻيءَ کانپوءِ ڳايو ويندو آهي. باقي پنجم جو سُر لڳائجي يا نه، يا رڳو آروهيءَ ۾ لڳائجي يا رڳو امروهيءَ ۾؟ ان لاءِ مناسب آهي تہ مڌم جو سر لڳائجي، ائين ڪرڻ سان پوربي ٺاٺ ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ پوربي ٺاٺ جي معروف راڳن جھڙوڪ: پوربي، پوريا ڌناسري، بسنت، سري راڳ، ديپڪ، مالوي، گوري وغيرہ کان هٽي ڪا راڳ جي شڪل قائم ڪجي تہ موسيقيءَ جي قانون جي لحاظ سان نج سنڌي راڳ جي شڪل ظاهر ٿي پوندي، جنهن کي اسين سُر ’سسئي آبري‘ چئي سگهنداسين، ۽ انهيءَ قانون جي آڌار نہ صرف وڃايل سر لھي سگهنداسين، پر ڪيئي نج سنڌي راڳ بہ ايجاد ڪري سگهبا.
سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ ڪافلن جي شاهراھہ واري ماحول تي ٻَڌي آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. ڀنڀور (ديبل) جو شھر بہ اڃا موجود هو ۽ بلوچ قبيلن جي سنڌ ۾ اوائلي آمد پڻ اُنهيءَ دؤر ۾ ٿي. اُنهن اهڃاڻن مان ظاهر آهي تہ هي قصو 11 صديءَ ڌاري سومرن جي اوائلي دؤر ۾ اُڀريو ۽ وقت گذرڻ سان لَسٻيلي، ڪوهستان، ڏکڻ اولھہ سنڌ (ڪراچي ۽ ٺٽي) توڙي مٿي سنڌ ۾ يعني جدا جدا لئين ۾ ڳائجڻ لڳو، جيڪي اڳتي هلي مستقبل سُر بڻيا. يقيني طور چئي نٿو سگهجي تہ اُهي اصلي ليئون ڪهڙيون هيون، جن ۾ سسئيءَ جو داستان ڳايو ويو، مگر شاھہ جي رسالي ۾ جيڪي سسئيءَ جا پنج سُر آهن، سي ڀائنجي ٿو تہ انهن آڳاٽين ليئن جا يادگار آهن، سومرن جي اوائلي دؤر ۾ غالبن سنڌ ۾ آڀيري راڳ هلندڙ هو. (هڪ روايت موجب سنڌ جي راڳڻي ’سنڌ وڙا‘ يا ’سنڌڙي‘ آساوري ۽ آهري جي سنگم مان پيدا ٿي، اُن لحاظ سان آهري يا آڀيري سنڌ ۾ هلندڙ هئي، جو اُن جي ميلاپ سان ٻيون راڳڻيون بنيون) سو هڪڙن ڳائيندڙن سسئيءَ جي داستان کي اُنهيءَ راڳ ۾ ڳايو. رسالي جو ’سُر آبري‘ اُنهي آڳاٽي ’آڀيري راڳ‘ جو يادگار آهي، ٻي ايراضيءَ ۾ ٻين هن داستان کي مقامي ’ديسي‘ لئي ۾ ڳايو ۽ رسالي جو ’سُر ديسي‘ اُنهيءَ جو يادگار آهي. ساڳئي دؤر ۾ عرب ايراني موسيقي سلسلي جو ’حسيني راڳ‘ سنڌ ۾ هلندڙ هو ۽ ڪن راڳيندڙن سسئيءَ جي داستان کي حسيني لئيءَ ۾ ڳايو، جنهن جو يادگار رسالي جو سُر حسيني آهي.
حسيني راڳ ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات (16 صدي عيسويءَ جي شروعات) تائين صوفين ۽ درويشن جي سماع جي مجلسن ۾ مقبول هو ۽ سنڌ جي ذاڪرن اُنهي لئي کي پنجاب تائين مشھور ڪيو، ’تذڪره قطبيھ‘ جي منصف 1450ع کان 1504ع واري عرصي ۾ لاهور جي سماع جي محفلن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ سنڌي ذاڪرن ’حسيني مقام‘ (حسيني راڳ) ۾ سنڌي ڏوهيڙا پڙهيا ۽ سامعين کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو. لس ٻيلي واري ايراضيءَ ۾ سسئيءَ جي داستان کي مقامي لئي ’معزور‘ ۾ ڳايو ويو، جيڪا هن وقت تائين لس ٻيلي ۾ مروج ۽ مشھور آهي، شاھہ جي رسالي ۾ سسئيءَ جو سُر معذور اُنهيءَ لئي جو يادگار آهي. رسالي ۾ سسئيءَ جو سُر ڪوهياري غالباً ڪوهستان واري ايراضيءَ جي آڳاٽي مقامي لئي جو يادگار آهي. اهڙيءَ طرح سومرن جي دؤر کان وٺي سسئي پنهونءَ جي داستان کي جدا جدا لئين ۾ ڳائڻ سان ’پنج سُر نروار ٿيا‘.
آڳاٽي هندي راڳ توڙي هندستاني موسيقيءَ ۾ سُر جي معنيٰ ٻي آهي تہ سنڌي راڳ ۾ سُر جي اصطلاحي معنيٰ ٻي آهي. پهرين معنيٰ موجب لفظ سُر اصل ۾ ’سوَرَ‘ آهي، جنهن کي آواز جي لغت ۾ Note چئجي، ٻيءَ معنيٰ ۾ سُر معنيٰ سرائتو آواز يا سھڻي ترتيب ۽ تنظيم وارو آواز. سرگم جي ستن ڀاڱن (س، ر، گ، م، پ، ڌ، ن) مان پڻ هر هڪ کي سُر چئبو آهي. جيتوڻيڪ پهرين ڀاڱي يعني س يا کرج کي خاص ڪري سُر ئي ڪري سڏيائون. جدا جدا راڳڻين ۾ هڪڙا سُر مٺا ۽ موزون (وادي يا سموادي) تہ ٻيا کارا ناموزون (انوادي يا ديوادي). جنهن سُر سان ڪو راڳ شروع ٿئي سو ’گره سُر‘ جنهن سان ختم ٿئي سو ’نياس سُر‘ ۽ جنهن سُر کي اُن راڳ ۾ نباهجي سو ’انش سُر‘ سڏجي.
سنڌي راڳ جي روايت ۾ سُر جون ٻيون معنائون آهن، هڪ معنيٰ ۾ سُر روپ ۽ راڳ ساڳي ڳالھہ آهي. ٻيءَ معنيٰ ۾ سُر ڄڻ ٺاٺ (Mode) جو مثال آهي ۽ اڃا بہ ٽين معنيٰ ۾ (جيڪا خاص طرح سُر وار موسيقيءَ جو بنياد آهي) راڳ جي سر ۽ ڳالھہ جي سُر (موضوع) اُنهي ٻنهي جي سنگم کي سُر سڏجي ٿو، يعني تہ سنڌي راڳ جي روايت ۾ سُر موضوعاتي موسيقي (Thematic Music) جي برابر آهي، اُنهي لحاظ سان سروار سنڌي موسيقيءَ مان مراد آهي اُها موسيقي جيڪا سُر ۽ موضوع جي ميلاپ تي ٻَڌل آهي.
سنڌي سُر وار موسيقيءَ جي تاريخ دير ۾ دير تہ بہ سومرن جي دؤر کان شروع ٿئي ٿي. سومرن جو دؤر سنڌ جي تاريخ جو رومانوي دؤر هو، جنهن ۾ عشقيہ داستان ۽ بهادرن جي سورهيائيءَ جا ڪارناما، پهريائين عام رس رهاڻ جا موضوع بڻيا ۽ پوءِ ڳائجڻ لڳا. سسئي پنهون، سھڻي ميهار، بديع الجمال جا داستان توڙي مورڙي، مانگر مڇ جو قصو هن دؤر جي اوائل ۾ اُسريا ۽ سورٺ راءِ ڏياچ، مومل راڻو، عمر مارئي ۽ ليلان چنيسر جا داستان پوءِ مشھور ٿيا. وقت جي ڀانن ۽ مڱڻهارن اُنهن عشقيہ قصن ۽ جنگي داستانن مان هر هڪ کي هڪ خاص انداز ۽ لئي ۾ بيان ڪيو ۽ ڳايو.
ڳائڻ واري حالت ۾ ڳالھہ ۽ اُن جو ڳائڻ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم جُز بڻيا ۽ سُرن جو بنياد پيو، يعني تہ قصي يا ڳالھہ ۽ اُن جي مخصوص ڳائڻ کي ملائي سر سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح سومرن جي دؤر ۾ سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب يعني ’سر وار موسيقي‘ جو اضافو ٿيو، سنڌي ٻوليءَ جا اصطلاح جھڙوڪ ’ڳالھہ ۽ اُن جا سُر‘ يا ’ڳالھہ جو سُر سمجهڻ‘ انهيءَ آڳاٽي دؤر جا يادگار آهن. مٿي بيان ڪري آيا آهيون تہ هندي توڙي هندستاني راڳ جي اصطلاح ۾ ست سُر سرگم جا آهن، پر سنڌي راڳ جي سلسلي ۾ ستن سُرن مان مراد ٿيندي ست جدا جدا قصا يا داستان، جن کي ڳائي بيان ڪجي، ’ست سُرا بيت‘ جيڪي اڄ تائين سگهڙن جي ڪچهرين ۾ هلن ٿا، سي اُنهيءَ معنيٰ تي شاهد آهن ۽
ست سُريون ٻُڌائڻ وارو اصطلاح پڻ اُنهيءَ آڳاٽي مفهوم جو يادگار آهي. سرائتيون ڳجهارتون ۽ سرائتيون ڪافيون پڻ اُهائي معنيٰ رکن ٿيون، يعني تہ اهڙيون ڳجهارتون ۽ ڪافيون جن جو مضمون سنڌ جي قصن تي ٻَڌل هجي. سر سسئي، بنيادي طور تي عشق جي فلسفي اُن جي ماهيت ۽ اُن جي مذڪور جو باب آهي، جنهن ۾ پيهي وڃڻ ماڻهوءَ لاءِ نهايت مشڪل آهي.
عام طور تي ڏٺو ويو آهي تہ سر سسئي، جيڪو جدوجھد جي علامت بڻيل آهي. اُن کي ٻين شاعرن پڻ پنھنجي پنھنجي رنگ ۾ ڳايو آهي، راڳ جي حوالي سان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سسئيءَ کي علامتي طور پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي، جيڪي سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني آهن.
سـر سسئي آبريءَ عشق جي فلسفي ۽ اُن جي ماهيت کانسواءِ راڳ جي بہ زمري ۾ اچي ٿو، جيڪو هڪڙو قديم راڳ هو، جڏهن تہ ٻين صوفين شاعرن سسئيءَ تي جيڪو ڪجهہ شعر چيو آهي اُهو علامتي آهي. سسئيءَ کي عشق توڙي جدوجھد جي علامت بڻائي تمثيلي طور شعر چيا ويا آهن، پر آبري هڪ ٺيٺ ۽ الڳ سُر آهي، جنهن کي شاھہ لطيف پنھنجي فڪر جي ڪمال ۽ راڳ جي ڄاڻ سان هڪڙي خاص سُر ۾ لاٿو آهي، جنهن کي سسئي آبري چيو وڃي ٿو.