سسئي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪنڌيءَ تي اوڀر ۾ واقع آهي. جيتوڻيڪ هينئر هيءَ ڍنڍ مينهوڳين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀرجندي آهي، نہ تہ اڪثر خشڪ رهندي آهي، پر اوائلي دور ۾ هيءَ ڍنڍ آباد رهندي هئي ۽ ڀنڀور جي رهواسين جي پاڻيءَ جي ضرورتن کي پڻ ڪنهن حد تائين پورو ڪندي هئي.
ڀنڀور جي ماڳ سان جيئن تہ تاريخي قصو سسئي پنھون منسوب ٿيل آهن، جنهن کي سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائي هميشہ لاءِ لافاني ۽ امر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح هيءَ ڍنڍ مائي سسئيءَ جي نالي سان سڏي وڃي ٿي. سسئي ڀنڀور شھر ۾ پيدا ٿي ۽ هتي ئي وڏي ٿي ۽ ڀنڀور لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ڀنڀور راءِ راجا نالي هڪ راجا هتي راڄ ڪندو هو، تنهنڪري هن علائقي جو نالو بہ سندس پويان ڀنڀور سڏجڻ لڳو. هينئر هيءَ خشڪ ڍنڍ ڀنڀور ميوزم جي اوڀر ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جتي ميوزم اختيارين ’سسئي ڍنڍ‘ جو بورڊ پڻ هڻي ڇڏيو آهي.