سشما ديوي

سشما ديوي

سشما ديوي

سشما ديوي: مشھور تعليمدان سشماديوي 21 آڪٽوبر 1971ع تي گنيش ٻالاڻي جي گهر، مٺي شھر ۾ جنم ورتو، ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم حيدرآباد مان، جڏھن تھ ايم ايس سي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿي. 2006ع تائين ڪنريءَ جي اسڪول ۾ ملازمت ڪرڻ کانپوءِ 2006ع کان 2012ع تائين ايس ڊي او پٿورو (عمرڪوٽ) رھي. 2012ع کان نارائڻ جگن ناٿ وئديھ (NJV) ھاير سيڪينڊري اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال مقرر ٿيل آھي. سشماديوي پسمانده طبقي ۽ علائقي سان تعلق رکندڙ پھرين عورت آھي. جنھن ھيستائين لاتعداد شاگردن کي ھن اداري ۾ تعليم جي زيور سان سينگاريو آھي. سندس ھڪ نياڻي وينا ايم بي بي ايس، ٻي نياڻي حنا ڪمپيوٽر سائنس ۾ انجينئر ۽ ٽيون نمبر نياڻي پريتي ڪمپيوٽر سائنس ۾ بي ايس سي (يونيورسٽي آف مني ٽوبا ڪينيڊا) مان ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.10.21  عيسوي

مشھور تعليمدان سشماديوي 21 آڪٽوبر 1971ع تي گنيش ٻالاڻي جي گهر، مٺي شھر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڳ ڀان
علي بخش خان شر
نصير سومرو 1
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
جرڪس فقير
ٺٽوي امين الدين خان حسين
احمد سلطان
حڪيم محمد واصل درس
ڀڳوان اٽلاڻي
رضوي سيد محمد يوسف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون