سعدان

سعدان: سعدان يعني ٻہ سعد ستارا، اهي ٻہ مشھور ستارا زھرہ ۽ مشتري آهن. انهن مان مشتريءَ کي سعد الاڪبر (وڏي ڀاڳ وارو) ۽ زھرہ کي سعد الاصغر چيو وڃي ٿو. ستارن جي علم جي ماهرن موجب جيڪو شخص مشتري ستاري جي ڇانو ۾ پيدا ٿيو هوندو تہ اهو شخص حياتيءَ ۾ خوش ۽ خورم هوندو ۽ هو عبادت، خوف خدا، سچائي، زهد ۽ تقويٰ ۾ الڳ حيثيت وارو هوندو. زھرہ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ هن ستاري وارو ماڻهو بختاور ۽ زندگيءَ ۾ دنيا جون سموريون خوشيون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سعد جو ضد نحس يعني نحوست يا بدبختي آهي. سعدان جو ضد وري زحل ۽ مريخ ستارا چيا وڃن ٿا.


لفظ سعدانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو