سعديه حليمه دائيرضه: پاڻ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي رضاعي امڙ هئي. عرب جي سعد بن بڪر قبيلي سان سندس تعلق هو. ان دور ۾ عرب ۾ رواج هو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي پنهنجي ٿڃ نه پيارينديون هيون، بلڪه انهن کي ٻين ماين (دائين) جي حوالي ڪيو ويندو هو. جيڪي کين پنهنجي ٿڃ پياري ٻار نپائي وڏو ڪنديون هيون. اهڙيءَ طرح جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم جن پيدا ٿيا ته کين بيبي حليمهرضه سعديه جي حوالي ڪيو ويو. ان سال عرب ۾ قحط پيو هو، ان ڪري دائي حليمان مڪي ۾ ڪهي آئي ته جيئن کيس ڪو ٻار کير پيارڻ لاءِ ملي پوي. نيٺ هو انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿي ۽ سندس بخت کلي پيو، جڏهن هو حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي پاڻ سان کڻي آئي، تڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي برڪت سان سندس گهر ۾ خوشحالي اچي وئي. ٻارن کي دائين جي حوالي ڪرڻ جو رواج فقط امير گهراڻن ۾ هو. بيبي حليمه بنت ابي ذوئيب جو مڙس حارث هو. اهڙيءَ طرح بيبي حليمه جو هڪ پٽ عبدالله پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو رضاعي ڀاءُ ۽ انيسه ۽ شيما ٻه رضاعي ڀيڻون هيون. جڏهن غزوه حُنين ٿي، تڏهن شيما هوازن قبيلي جـي قيدين سان گڏ قـيـد ٿـي مسـلمـانن وٽ آئي، جڏهن پـاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن شيما کي ڏٺو تڏهن ان جي عزت ڪيائون ۽ تحفا تحائف ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيائون.