سعديه حليمه دائي رضہ

سعديه حليمه دائيرضه: پاڻ حضرت محمد صلي عليہ وسلم جن جي رضاعي امڙ هئي. عرب جي سعد بن بڪر قبيلي سان سندس تعلق هو. ان دور ۾ عرب ۾ رواج هو تہ مائرون پنھنجي ٻارن کي پنھنجي ٿڃ نہ پيارينديون هيون، بلڪہ انهن کي ٻين ماين (دائين) جي حوالي ڪيو ويندو هو. جيڪي کين پنھنجي ٿڃ پياري ٻار نپائي وڏو ڪنديون هيون. اهڙيءَ طرح جڏهن پاڻ سڳورا صلي عليہ وسلم جن پيدا ٿيا تہ کين بيبي حليمهرضه سعديه جي حوالي ڪيو ويو. ان سال عرب ۾ قحط پيو هو، ان ڪري دائي حليمان مڪي ۾ ڪھي آئي تہ جيئن کيس ڪو ٻار کير پيارڻ لاءِ ملي پوي. نيٺ هو انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿي ۽ سندس بخت کلي پيو، جڏهن هو حضرت محمد ڪريم صلي عليہ وسلم جن کي پاڻ سان کڻي آئي، تڏهن پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جي برڪت سان سندس گهر ۾ خوشحالي اچي وئي. ٻارن کي دائين جي حوالي ڪرڻ جو رواج فقط امير گهراڻن ۾ هو. بيبي حليمه بنت ابي ذوئيب جو مڙس حارث هو. اهڙيءَ طرح بيبي حليمه جو هڪ پٽ عبدالله پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جو رضاعي ڀاءُ ۽ انيسه ۽ شيما ٻہ رضاعي ڀيڻون هيون. جڏهن غزوه حُنين ٿي، تڏهن شيما هوازن قبيلي جـي قيدين سان گڏ قـيـد ٿـي مسـلمـانن وٽ آئي، جڏهن پـاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن شيما کي ڏٺو تڏهن ان جي عزت ڪيائون ۽ تحفا تحائف ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيائون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو