سعدي شيرازي: نامور فارسي شاعر ۽ عالم سعدي شيرازيءَ جو پورو نالو شيخ مشرف الدين هو. هن اندازاً 580ھہ/ 1184ع ۾ شيراز، ايران ۾ جنم ورتو. هو اڃا ٻار ئي هو تہ سندس پيءُ جو انتقال ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سعد بن زنگيءَ جي نگرانيءَ ۾ هن جي پرورش ۽ تربيت ٿي، ان ڪري هن اڳتي هلي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’سعدي‘ رکيو.
شيخ سعدي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي حاصلات لاءِ بغداد ويو، جتي هن وقت جي مشھور درسگاھہ ’نظاميه‘ ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ باطني علم جي تحصيل حاصل ڪيائين. ان ڏس ۾ هن وقت جي تمام وڏي ولي ۽ ڪامل مرشد حضرت عبدالقادر جيلانيرحه جي هٿ تي بيعت ڪئي. گڏوگڏ هن حج جو مقدس فريضو پڻ ادا ڪيو. شيخ سعديءَ پنھنجي زندگيءَ ۾ 14 حج ڪيا.
شيخ سعديءَ جي شھرت شاعريءَ جي ڪري آهي. ان ڪري کيس ايران جي مشھور شاعرن: فردوسي ۽ حافظ شيرازيءَ وانگر وڏي مقبوليت حاصل ٿي. هن پنھنجي طويل زندگيءَ جا پهريان ٽيھہ سال صرف مطالعي ۾ گذاريا. ان کانپوءِ هن باقي زندگيءَ جا ٽيھہ سال سير سياحت ۽ شعر گوئي ڪندي بسر ڪيا. آخري ٽن سالن ۾ مراقبي ۽ مجاهدي سان گڏ پنھنجي ڪلام جي تڪميل ۽ ترتيب طرف ڌيان ڏنائين ۽ باقي عمر جا 12 سال تصوف جي تعليم، اشاعت ۽ تبليغ ۾ صرف ڪيائين.
جن ڏينهن ۾ شيخ سعدي سياحت تي نڪتل هو، تڏهن هو هندستان ۾ بہ آيو، پنھنجي هندستان ۾ آمد ۾ ذڪر شيخ سعديءَ پنھنجي مشھور ڪتاب ’بوستان‘ ۾ بہ ڪيو آهي. سندس ٻہ تصنيفون ’گلستان‘ ۽ ’بوستان‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. هن بوستان 655ھہ مطابق 1259ع ۾ لکيو ۽ گلستان 656ھہ مطابق 1258ع ۾ لکي پورو ڪيو. بوستان ۾ اخلاقي موضوعن تي نظم شامل آهن، جڏهن تہ گلستان بنيادي طرح نثر ۾آهي. ان ۾ بہ اهم اخلاقي مسئلن بابت ڪهاڻيون، اثرائتي نموني ۾ پيش ڪيون ويون آهن. شيخ سعديءَ هنن ٻنهي ڪتابن کانسواءِ غزلن جو ديوان، قصيدن ۽ نظمن جا مجموعا ’طيبات‘ هزليات جي صورت ۾ بہ لکيا آهن.
شيخ سعديءَ جي شاعري عرب توڙي عجم ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. برصغير جي سمورين ٻولين جي شاعريءَ تي شيخ سعديءَ جي شاعريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. شاھہ لطيف کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ڪلاسيڪي شاعرن تي سعديءَ جو ڪافي اثر معلوم ٿئي ٿو. سعديءَ جا ڪتاب بوستان ۽ گلستان سنڌ جي مڪتبي تعليم ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ اڄ ڏينهن تائين مدرسن ۾ پڙهايا ويندا آهن. سنڌيءَ ۾ غلام محمد شهواڻيءَ ۽ ٻين ’بوستان‘ ۽ ’گلستان‘ جو ترجمو ڪيو آهي. ان کانسواءِ بہ سنڌي زبان ۾ سعدي شيرازيءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي ڪافي لکيو ويو آهي.
سعدي شيرازي بہ ذوالقعد 691 ھہ مطابق 1292ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان وقت پاڻ شيراز ۾ سڪونت پذير هو. سندس مزار شيراز شھر جي اڀرندي طرف اڄ بہ موجود آهي، جتي سڄيءَ دنيا مان سندس عقيدتمند حاضري ڀرڻ ايندا آهن.