سعي: سعي جي لغوي معنى تيز هلڻ آهي. ان باري ۾ هڪ حديث شريف ۾ آهي تہ: ”جڏهن نماز لاءِ اچو تہ ڊوڙندا بيچيني ۽ اضطراب سان گڏ نہ اچو، بلڪہ وقار ۽ اطمينان سان اچو.“ الزجاج چوي ٿو تہ هر ڪم ۾ ذوق، شوق، ڪوشش، عمل ۽ ڦڙتي ڏيکارڻ ’سعي‘ آهي. قرآن شريف ۾ بہ ’سعي‘ جو ذڪر آيو آهي. ”ان جو عمل رائگان نہ ويندو.“ (الانبياء: 94). ”انسان کي اهو ئي ڪجهہ ملندو آهي، جيڪو اهو عمل ڪندو آهي ۽ ان جو عمل کيس ضرور ڏيکاريو ويندو.“ (انجم: 39-40) ”جڏهن اهو ڪم ڪار ۾ پنھنجي پيءُ جو هٿ ونڊائڻ (يا سرگرم عمل هجڻ) جي لائق ٿيو.“ (الصافات: 102). ’سعي‘ جو لفظ عام طور تي ڪنهن ڪم لاءِ سرگرم ٿيڻ يا ڪوشش ڪرڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر اصطلاحي معنيٰ عمري ۽ حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ دوران صفا ۽ مروه جي وچان تکي تکي هلڻ لاءِ مخصوص آهي.