سعيدالزمان عاطف

سعيدالزمان ’عاطف‘: مخدوم غلام حيدر المعروف سعيدالزمان ’عاطف‘ 14 آڪٽوبر 1964ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ديني توڙي عصري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زمينداري سنڀالڻ شروع ڪيائين.
پاڻ 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: ’پاڻ مراديون ڳالهيون‘، ’ٻولي ڪبي نه ٻي‘ ۽ ’عشق نه چرچو ڀانءِ‘ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ پاڻ ننڍڙا ديني ڪتاب ’اصلاح نفس‘ جـي نالـي سـان هر مهيني ڇپائي پڌرا ڪندو هو. ان کانسواءِ ’الـزمـان‘ نالي هڪ ٻيو به ديني ڪتابن جو سلسلو شـروع ڪـيائين، جنهن جو وچور هن ريت آهي: (1) هـادي آهي هڪڙو، (2) منزل ڏاڍي آهي پرانهين، (3) هاديءَ جي حڪمت، (4) جـهـاد في سبيل الله، (5) فڪر ڪاڻ فلاح، (6) غير جا لاڳاپا لاهين، (7) مولا جا طالب جي ٿين، (8) ڪر وجود ۾ وس، (9) وقت وڃئي ٿو ويسلا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.14  عيسوي

مخدوم غلام حيدر المعروف سعيدالزمان ’عاطف‘ 14 آڪٽوبر 1964ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد بلگرامي
اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي
خادم حسين شاهه
احمد رضا
اميربخش امير قريشي
غلام علي فقير مسرور
شفيع محمد ٻگهيو استاد
خواجه غلام فريد
سدارام ڀڳت
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون