سعيده گوپانگ

سعيده گوپانگ

سعيده گوپانگ

سعيده گوپانگ: سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ۽ عوامي جمهوري پارٽيءَ جي مرڪزي نائب صدر سعيده گوپانگ، 15 جون 1979ع تي تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ بچل خان رند ۾ محمد رمضان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي 5 درجا پنھنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا. ڇهين کان مئٽرڪ تائين جوهيءَ ۾ پڙهي. انٽر (پري ميڊيڪل گروپ) 1998ع ۾ زبيدہ گرلس ڊگري ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. 2003ع ۾ بي. اي جي گورنمينٽ ڊگري گرلز ڪاليج ٺٽي مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. هن ڪراچيءَ مان ڪمپيوٽر ۽ نرسنگ جاڪورس بہ ڪيا ۽ ڪجهہ عرصو ڪراچيءَ جي هڪ غير سرڪاري اداري ‘Collective For Social Sscience & Research’ ۾ ريسرچر طور ڪم ڪيو.
سعيده گوپانگ پرائمري تعليم دوران سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ شامل ٿي. انٽر کانپوءِ ’سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن‘ (S.G.S.O) حيدرآباد جي ميمبر ٿي، 2009ع کان 2010ع تائين سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهي. 2011ع ۾ سنڌياڻي تحريڪ (پليجو گروپ) کي ڇڏي عوامي جمهوري پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ۽ هن وقت مرڪزي نائب صدر طور ڪم ڪري رهي آهي.
سعيده گوپانگ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪمپيئرنگ ڪئي ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترا انعام کٽيا. هيءَ 96-1995ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان ٻارن جي پروگرام ’روشن تارا‘ جي بہ ڪمپيئر رهي. عوامي تحريڪ دوران گرفتار ٿي، جيل بہ وئي. مزدورن جي حقن جي حامي رهي. ’فشر فوڪ فورم‘ جي پليٽفارم تان ٺيڪيداري نظام خلاف چار سال جدوجھد ڪيائين. سنڌي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي.
سعيده گوپانگ سٺي ليکڪا آهي. مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿس. صحافت سان بہ وابستہ رهي آهي. جوهيءَ جي تاريخ ۾ پهرين سنڌي عورت آهي، جيڪا 1995ع ۾ روزاني اخبار ’سنڌ‘ جي تعلقي جوهيءَ جي رپورٽر رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.06.15  عيسوي

سعيده گوپانگ، 15 جون 1979ع تي تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ بچل خان رند ۾ محمد رمضان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي رحم علي
سريچند ميلهومل ڪيسواڻي
داداڀائي ولي محمد
لياقت علي جتوئي
شاھہ محمد مهيسر ڊاڪٽر
شاهاڻي بخشل
سليم سھتو پروفيسر
ابراهيم شاھہ وڄڙي
برڪت علي ڀٽ
جرڪس فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون