سعيد سومرو

سعيد سومرو

سعيد سومرو

سعيد سومرو: نوجوان شاعر سعيد سومرو ولد حاجي گل محمد سومرو، 4 فبروري 1977ع تي قمبر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي (اردو ادب) 2000ع ۾، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي. سعيد سومري 1992ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو ميمبر ۽ سنگت جي اخبار ’لکڻهار‘ جو ايڊيٽر ٿيو. هن 2001ع ۾ ’ڪنول پبليڪيشن قنبر‘ جو بنياد وڌو، جنهن پاران 200 کن مختلف ليکڪن جا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. هن جي شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب: (1) ’سرءُ جي اداس سانجهہ‘ (2000ع)، ۽ (2) ’درد جي باک‘ (2001ع) ڇپجي چڪا آهن. کيس 2001ع ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ‘ ڏنو.


لفظ سعيد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.04  عيسوي

نوجوان شاعر سعيد سومرو ولد حاجي گل محمد سومرو، 4 فبروري 1977ع تي قمبر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
اقبال شاهين
امين ٿيٻو
علي محمد ساغر سيوهاڻي
خالدي علي محمد
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
عنصري
احساس ميرل
سڄڻ قبولائي
مير انيس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون