سعيد صالح جي ڀِٽ

سعيد صالح جي ڀِٽ (ماڳ): هي دڙو ستين کان 18 صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو ديھه اڪري-5، تعلقي ۽ ضلعي نوابشاھه ۾ واقع آهي. سعيد صالح جو قبرستان ھن جي اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. هن دڙي جي ڏکڻ ۾ ليلان ڳوٺ، ڄام صاحب ڳوٺ 24 ڪلوميٽر ۽ سٺ ميل بس اسٽاپ ھتان 25 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾ ۽ نواب شاھه شھر ھن دڙي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ 26O25'10" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68O04'30" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آھي. دڙو ڊيگهه ۾ 600 ميٽر، ويڪر ۾ 350 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 3 ميٽر آھي. ھي دڙو واريءَ جي ڀٽن ۾ آھي. چوڌاري جهنگلي ٻوٽا ڦٽل آھن. سڄي مٿاڇري مٿان ٺڪراٺو ڦھليل آھي. گهڻو ڪري ٺڪراٺو ڳاڙھي ۽ ڪجسي ڳاڙھي رنگ جو جيڪو چڪ تي لٿل، سٿرپڪل ۽ ٿلھو آھي. ڪجهه سنھو ٺڪراٺو بہ ملي ٿو. ھن تي ڄاريدار ليڪون، انگڙ ونگڙ ليڪون، ٻوٽن جي پنن جهڙيون ليڪون ۽ پٽا يا ڌاءَ (Bands) ڪاري رنگ جا نڪتل آھن. مختلف ٺپيل نقش کرچيل ليڪون ٽٻڪا پڻ ڪن ٺڪرن تي آھن. گهڻو ڪري پيالن جا ڪنا ۽ ٽڪرا ۽ وچولي سائيز جي ڪنين جا ٽڪرا مليا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو