سفارتڪار: رياست طرفان مقرر ڪيل اهڙو نمائندو، جيڪو ٻين ملڪن يا بين الاقوامي تنظيمن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري، ان کي سفارتڪار چئبو آهي. سفارتڪار ڪنهن سفارت جو سربراهه يا سفارتي عملي جو اهم رڪن هوندو آهي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ پنهنجي ملڪ جي مفادن ۽ شهرين جي پرگھور لهڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا وڌائي مليل معلومات جي ڏي وٺ ڪندو آهي.
سفارتڪار ڪنهن به ملڪ جي راڄڌانيءَ ۾ مقرر ٿيل مختلف ملڪن جي سفيرن ۾ رابطن لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪنهن به رياست ۾مقرر ٿيل سفارتڪار کي ميزبان ملڪ طرفان سفارتي روايتن تحت تحفظ، مرتبو ۽ رعايت ڏني ويندي آهي ۽ اهڙي قسم جي اوليت سفارتڪارن کي بين الاقوامي اصولن تحت ڏني ويندي آهي.
دنيا ۾ سفارتڪاريءَ جو سرشتو پرڏيهي دفترن، پرڏيهـي وزيـرن ۽ سفيرن جي مقرريءَ کان اڳ جو قائم آهي ۽ اهو رياستي پاليسين جي تڪميل لاءِ وڏي عرصي کان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ هڪٻئي جي مفادن خاطر ٻه ملڪ طئي ٿيل قاعدن موجب سفارتخانا قائم ڪندا آهن، جتي پيشه ور اهلڪار ڀرتي ڪندا آهـن ۽ ٻيا زندگيءَ جي مـختلـف شـعـبن ۾ مـرتـبـو رکـڻ لاءِ رياستي سربراهه طـرفان سـڌو سنئون مقرر ٿيندا آهن ۽ سندن اڪثريت سربراهه واري هوندي آهي.
سفارتڪار پنهنجي ذميوارين کي سرانجام ڏيڻ لاءِ سفارتي ضابطي جو اڳواٽ ئي تعين ڪندو آهي ۽ حڪومتي سطح تي سفارتڪارن طرفان آدابن وسيلي سرانجام ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته رياست ۽ سفارتڪاريءَ جي معاملي کي هلائڻ لاءِ رائج آدابن جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن ڪنهن رياست جي سفارتڪار يا سربراهه جي مرتبي جي عزت افزائي ڪئي وڃي. موجوده دور ۾ دنيا ۾ هڪٻئي سان مهذب انداز ۾ ورتاءُ ڪرڻ ۽ معاملا طئي ڪرڻ واري عمل کي آسان بنايو ويو آهي.
سفارتڪاريءَ جي اصول هيٺ مختلف ملڪن جي وچ ۾ معاملن ۽ مفادن تي اختلاف نه پيدا ڪرڻ لاءِ بحث ۽ ڳالهين وارو عمل جنهن ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ممڪن هوندي آهي ۽ اهڙي عمل وسيلي تڪرار ختم ڪرڻ، ڪنهن معاهدي تي پهچڻ، مختلف ڌرين جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ معيشيت سميت مختلف رخن ۾ فائدا حاصل ڪرڻ شامل آهي. انهيءَ عمل ۾ سفارتڪارن کانسواءِ دانشورن، واپارين ۽ ماهرن کي پڻ اهميت ڏني ويندي آهي.
سـفارتڪاري ذريعي ڳالـهين واري عمل ۾ ٻه ريـاستون قـومـي مفاد ماڻڻ، ماحوليات، ثقافت ۽ انسـاني حقن سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، جـڏهن ته انهن ڳالهين کي ٻن يا ان کان وڌيڪ رياستن جي وچ ۾ مختلف طريقن سان به سرانجام ڏنو ويندو آهي.ڪنهن به سفارتڪار کي سندس ملڪ طرفان جڏهن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ذميواريون ڏنيون وينديون آهن يا کيس هڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ سفارتي معاملا سنڀالڻ جا اختيار ڏنا ويندا آهن ته اهڙي صورتحال کي Dual Accreditation ٻٽي سفارتي ذميواري سڏيو ويندو آهي ۽ اهڙي قسم جون ذميواريون ڪنهن به سفارتڪار کي غير معمولي ذهانت سبب هڪ ٻئي جي ويجهو يا ننڍين ايراضين واري ملڪ هئڻ، سفارتي سرگرمين غير اهم ملڪن يا غير ضروري انتظامي خرچ گهٽائڻ وارن سببن جي ڪري سونپيون وينديون آهن.
تاريخي حوالن مان ڄاڻ پوي ٿي ته سفارتڪاريءَ جون فن يونان ۽ رومي سلطنت کان شروع ٿيو، اٽليءَ جي رياست ’ميلان‘ جي نواب اٽليءَ جي ٻيءَ رياست گينوئا ۾ 1455ع ڌاري پهريون سفارتخانو قائم ڪري اتي سفارتڪار مقرر ڪيا. جنهن بعد اٽليءَ جي رياستن يورپ ۾ پڻ پنهنجا سفارتخانا قائم ڪيا، جڏهن ته ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ يورپ جي شاهي درٻارن ۾ مستقل بنيادن تي سفارتڪارن جي مقرري عمل ۾ آئي. تنهن کانپوءِ آمريڪي ۽ فرانسيسي انقلابن سفارتڪاريءَ جي عمل ۾ عوامي حصيداريءَ کي ممڪن بنايو، جنهن کي ’ڪانگريس آف ويانا‘ ۾ ترتيب ۽ مڃتا حاصل ٿي. ان دؤر ۾ سفارتڪاري يورپ تائين محدود، عالمي طاقتن جي محتاج، شعبي بنديءَ کان محروم ۽ ڳجهي هئڻ سبب بين الاقوامي سطح تي پذيرائي حاصل نه ڪري سگهي.
اوڻويهين صدي عيسويءَ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري جي قيام لاءِ وڌندڙ لاڙي، عوامي راءِ جي احترام، فني ميدانن ۾ ترقي ۽ رابطاتي سرشتي جي ڦهلاءُ سبب سفارتڪاريءَ جي حوالي سان دنيا ۾ تمام گهڻيون تبديليون آيون، جنهن سبب ان دؤر ۾ سفارتڪاريءَ کي ’جديد سفارتڪاريءَ‘ سڏيو ويو ۽ سفارتڪاريءَ جون جديد پاليسيون جڙڻ لڳيون، جن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي قومن حصو ورتو.
سفير: سفير لفظ جي لغوي معنيٰ ايلچي يا سنديشي آهي، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ سفير کي Ambassador چيو وڃي ٿو. رياست طرفان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي مفادن جي نگرانيءَ خاطر سرڪاري طور قائم سفارتخاني ۾ مقرر ڪيل اهڙو نمائندو، جيڪو مختلف ذريعن وسيلي پنهنجي حڪومت طرفان مليل هدايتن تي عمل ڪري ۽ مقرر ملڪ جي صورتحال کان آگاهي ڏئي، تنهن کي ’سفير‘ سڏيو ويندو آهي.
هندستان جي مشهور مفڪر ’ڪوٽيليه‘ جو ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ سفارتڪاريءَ جي فني پهلوءَ جي حوالي سان هڪ اهم دستاويز ليکيو وڃي ٿو. جڏهن سفارتڪاريءَ جو فن يورپ ۾ عمل هيٺ آيو ته اتي ان کي گهڻي پذيرائي ملي، پر اهڙيون سرگرميون قديم چين ۽ هندستان ۾ آڳاٽي وقت کان موجود هيون.
موجوده دؤر ۾ ٻن رياستن طرفان سفير مقرر ڪرڻ جو پهريون مثال چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ اٽليءَ جي رياست ميلان ۽ وينس ۾ ملي ٿو، جتي سفيرن کي گهربل تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪيون ويون، بعد ۾ ’ڪانگريس آف ويانا‘ 1915ع ڌاري سفيرن جا اصول ۽ آداب دستاويزي صورت ۾ محفوظ ڪيا، جيڪي هاڻوڪي وقت ۾ به عملي طور لاڳو ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري ’ڪانگريس آف ويانا‘ سفيري سرشتي جي پيڙهه جو پٿر سمجهي وڃي ٿي، ان بعد ويانا ڪنوينشن ۾ موجوده سفارتي سرشتي جي 1961ع ۾ تجديد ڪئي وئي.