سفيان ثوري

سفيان ثوري: ٻي صدي هجريءَ جي هن مشھور عالم، محدث ۽ صوفي بزرگ جو پورو نالو ابو عبدالله سفيان بن سعيد، بن مسروق الثوري الڪرفي هو. گهڻن عالمن جي اتفاق موجب پاڻ 97ھہ/715ع تي ڄائو. سفيان ثوريءَ جو والد پڻ هڪ وڏو جيد عالم هو، جنهن هن کي حديث جي اعلى تعليم ڏني. سفيان ثوري انهن عالمن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جن وقت جي عاملن ۽ حاڪمن جي مخالفت ڪئي ۽ سرڪاري عهدن کان نابري واري ان ڪري حڪومت جي عتاب هيٺ آيا.
سفيان ثوري سرڪار طرفان ملندڙ تحفا تحائف بہ ان ڪري واپس ڪري ڇڏيندو هو، جـو سـندس چـوڻ هـو تہ سرڪاري عهدن تي رهڻ ۽ تحفن وٺڻ سان دنياداريءَ جا برا اثر پيدا ٿين ٿا ۽ حڪومت جي غلط فيصلن جي پٺڀرائي ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. هو حڪومت جي طريقيڪار سان بہ اختلاف رکندو هو. سندس چوڻ هو تہ حقيقي اسلامي رياست ۾ جبر (زبردستي) جي ڪا گنجائش ڪانهي، ان ڪري هو حڪومت سان تعاون کي گناھہ ۽ عوام دشمني سمجهندو هو. سلطان ۽ سندس خليفن جي ذاتي زندگي گذارڻ جي طريقن تي بہ کيس اعتراض هو. هن امام احمد بن حنبل ۽ امام ابو حنيفہ وانگر جابر بادشاهن جي سامهون حق جي ڳالھہ ڪئي ۽ تڪليفون سٺيون. نيٺ هو عراق ڇڏي يمن پهتو، پر اتي بہ بغدادي بادشاهن جي چنبي کان محفوظ نہ رهيو. پوءِ هو مڪي شريف هليو آيو، مڪي جي امير کي بہ حڪم مليو تہ سفيان کي هٿ ڪري مارائي ڇڏي، پر هنن سندن حڪم نہ مڃيو. ابن سعد لکي ٿو تہ: بغدادي ڇاڙتا مڪي بہ اچي پهتا ۽ سفيان کي ڪعبي شريف ۾ وڃي جان بچائڻي پئي، پوءِ بصري ويو، جتي هن کان ڪيترن علامن حديث جو درس ورتو. سندس دشمن اتي بہ پهچي ويا ۽ بصري ۾ بہ سندس جيئڻ جنجال ڪيو ويو. آخرڪار درٻار رسالت سان صلح لاءِ کيس خط و ڪتابت ڪرڻي پئي، نتيجي طور معاهدو طئي ٿيڻ بعد بغداد وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ بيمار ٿيو ۽ شعبان 161ھہ/778ع ڌاري 64 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.
’الجامع الڪبير‘، ’الجامع الصغير‘ ۽ ’ڪتاب الفرائض‘ سندس مشھور تصنيفون آهن. هڪ فقيھہ جي حيثيت ۾ هو خاص مسلڪ جو باني هو، جيڪو سندس وفات سان ختم ٿي ويو. سندس عقيدا اهل سنت مطابق هئا.
شيخ فريد الدين عطار ’تذڪرة الاولياء‘ ۾ سفيان ثوريءَ کي صوفي ڄاڻايو آهي. ابن نديم ’الفهرس‘ ۾ بہ سندس ذڪر صوفين جي صف ۾ ڪيو آهي. بهرحال حضرت سفيان ثوري وقت جو چوٽيءَ جو فقيھ ۽ محدث هو ۽ حضرت امام ابو حنيفہ جو همعصر هو. ان ڪري ٻنهي ۾ اختلاف بہ هئا. انهن اختلافن جو غالباََ بنياد اهو هو تہ امام ابو حنيفہ ’اهل الراءِ‘ ۾ ڳڻبو هو ۽ حضرت سفيان ثوري جو ڳاڻيٽو ’اهل الحديث‘ ۾ ٿيندو هو.


لفظ سفيان ثوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو