سفيد هُن

سفيد هُن

سفيد هُن

سفيد هُن (قبيلو): ’هن‘ (Huns) قبيلي سنڌ ۽ بر صغير هند تي ٻه سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. هنن کي ’هپتالي‘ به چوندا هئا. مسلمان ٿيڻ بعد هنن کي ’ابدالي‘ به سڏيو ويو. هنن جي حڪومتي دور جو پهريون گاديءَ جو هنڌ پشاور هو. يشو ڌرمن هٿان هارائڻ بعد هنن ڪپسيا کي دارالسلطنت مقرر ڪيو. ڪپسيا جو شهر ڪابل واديءَ ۾ واقع هو. هنن جي زماني ۾ ئي هندستان اندر هندو مت ۽ ٻڌ مت جو زوال شروع ٿيو. هي سج جي پوڄا ۾ يقين رکندڙ هئا. اهوئي سبب هو جو سياسي مصلحت سبب شو شنڪر مهراج جا پوئلڳ ٿيا. هنن پنهنجي جھنڊي تي ڍڳي جي شبيهه رکي، جيڪو شو جو خاص نشان آهي. چين جو مشهور سياح هوانگ سوانگ هنن جي ئي زماني ۾ هندستان آيو هو.
نامور محقق ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ- عرب دور‘ (ص: 100) ۾ ’هُن‘ قوم لاءِ لکيو آهي ته ’سفيد هن‘ به سٿيا قوم وانگر وچ ايشيا مان هجرت ڪري سنڌو ماٿر ۾ پهتا ۽ سندن يلغار سبب گپتا گهراڻي جو خاتمو ٿيو. هي اتر- اولهه وارن علائقن ۾ ٽيهن سالن تائين طاقتور رهيا ۽ هنن هندستان جي اندرئين علائقن ۾ به ڪيترا حملا ڪيا.
هُن قوم جا بادشاهه نهايت طاقتور سمجهيا ويندا هئا، جن مان تورمان (500 کان 510ع) ۽ مهوڪولا (510ع کان 540ع) جا نالا قابل ذڪر آهن. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته: پنجاب ۽ سرحد جي مقامي راجائن گڏجي مهوڪولا سان جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏئي، ڪشمير ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. مهوڪولا ڪشمير ۾ هڪ گهراڻي جو بنياد به وڌو، پر پوءِ هن گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو ۽ 540ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس موت کانپوءِ سنڌو ماٿر ۽ ننڍي کنڊ ۾ هُن قومن جي حملي جو ڊپ ختم ٿي ويو ۽ هر هنڌ خودمختيار حڪومتون قائم ٿي ويون ۽ سنڌ تان هنن جو اثر رسوخ ختم ٿيو.
هُن قبيلي وارن ملتان ۾ سورج ديوتا جو هڪ وڏو مندر تعمير ڪيو هو. هنن جي وقت ۾ هندو ڌرم ۽ ٻُڌمت جا مذهب رائج هئا. سندن وقت ۾ ٽيڪسيلا ۾ ڪيترا ٻڌمت جا اسٽوپا قائم هئا ۽ ڀڪشوئن ’ پريم پرشا‘ جي پرچار ڪئي، پر سندن آخري وقت ۾ هندو ڌرم زور ورتو ۽ ڀڪشوئن جو تعداد گھٽجڻ لڳو. اڪثر ٻڌمت جا اسٽوپا ڊاٺا ويا. هنن ۾ ذات پات جو فرق نه هو. هنن کانپوءِ هندو مت جي زور وٺڻ ڪري ذات پات جو نظام ٻيهر ٿيو. ٻڌمت زوال پذير ٿي اثر وڃائي ويٺو. هندن جي زماني ۾ خروشتي خط ۾ لکت ڪئي ويندي هئي. هنن جي زوال ۽ پوءِ ختم ٿيڻ سبب خروشتي خط جي جاءِ برهمي لپيءَ ورتي ۽ ان ۾ لکت جو رواج عمل ۾ آيو. هن قبيلي جي زماني ۾ سنڌ ۾ ترقي ۽ سماجي جاڳرتا جو اوج هو. ان وقت سنڌ ۾ آيل چيني توڙي عرب سياح سنڌ جي زرخيزي ۽ شاهڪار هئڻ جو ذڪر ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو