سفيد ڪوهه
سفيد ڪوهه (جبل): افغانستان جي اترئين علائقي جو مشهور جابلو سلسلو، جنهن جي سڀ کان مٿانهين چوٽي سڪارام آهي، جنهن جي اوچائي سمنڊ کان 15620 فوٽ آهي. هي پهاڙ سنڌو درياهه تي آباد اٽڪ شهر سان اچي ملي ٿو ۽ ان جو آخري سرو افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دنگ جو ڪم ڏئي ٿو. هي پهاڙ ڪابل درياهه جي واديءَ کي ڪرم وادي ۽ آفريدي تراهه کان جدا ڪري ٿو.
سفيد پهاڙ جا جيڪي اتريان ۽ اولاهان حصا اڳتي نڪتل آهن، تن ۾ باب خيبر (پشاور) ۽ ٻيا ڪيترا ڏکيا باب موجود آهن. انهن بابن يا درن (ڏکين پهاڙي رستن) ۾ 42-1841ع جي جنگ دوران برطانيا ۽ هندستان جي فوج کي گھڻو نقصان رسيو هو. سفيد پهاڙ جو اتريون سلسلو بنا وڻ ٽڻ جي سڌو ميداني آهي، جڏهن ته مٿانهين لاهين ۾ صنوبر ۽ ٻين وڏن وڻن جا گھڻا ٻيلا موجود آهن. سلسلي جي ڏاکڻين حصن جي پهاڙن تي صنوبر سان گڏ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ زيتونن جي وڻن جا باغ موجود آهن. انهن پهاڙي سلسلن جي وادين ۾ ٻين ميون جا باغ ۽ پوکون به موجود آهن.