سفيد ڪوهه

سفيد ڪوهه

سفيد ڪوھہ

سفيد ڪوھہ (جبل): افغانستان جي اترئين علائقي جو مشھور جابلو سلسلو، جنهن جي سڀ کان مٿانهين چوٽي سڪارام آهي، جنهن جي اوچائي سمنڊ کان 15620 فوٽ آهي. هي پهاڙ سنڌو درياھہ تي آباد اٽڪ شھر سان اچي ملي ٿو ۽ ان جو آخري سرو افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دنگ جو ڪم ڏئي ٿو. هي پهاڙ ڪابل درياھہ جي واديءَ کي ڪرم وادي ۽ آفريدي تراھہ کان جدا ڪري ٿو.
سفيد پهاڙ جا جيڪي اتريان ۽ اولاهان حصا اڳتي نڪتل آهن، تن ۾ باب خيبر (پشاور) ۽ ٻيا ڪيترا ڏکيا باب موجود آهن. انهن بابن يا درن (ڏکين پهاڙي رستن) ۾ 42-1841ع جي جنگ دوران برطانيا ۽ هندستان جي فوج کي گهڻو نقصان رسيو هو. سفيد پهاڙ جو اتريون سلسلو بنا وڻ ٽڻ جي سڌو ميداني آهي، جڏهن تہ مٿانهين لاهين ۾ صنوبر ۽ ٻين وڏن وڻن جا گهڻا ٻيلا موجود آهن. سلسلي جي ڏاکڻين حصن جي پهاڙن تي صنوبر سان گڏ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ زيتونن جي وڻن جا باغ موجود آهن. انهن پهاڙي سلسلن جي وادين ۾ ٻين ميون جا باغ ۽ پوکون بہ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو