سقراط جو خيالي مجسمو

سقراط جو خيالي مجسمو

سقراط اٿينز جي عدالت ۾ دليل پيش ڪندي

سقراط اٿينز جي عدالت ۾ دليل پيش ڪندي

اٿينز جو جيل جنهن ۾سقراط قيد هو

اٿينز جو جيل جنهن ۾سقراط قيد هو

زهر جو پيالو پيئڻ وقت جي منظرڪشي

زهر جو پيالو پيئڻ وقت جي منظرڪشي

سقراط

سقراط (Socrates): سقراط قديم يونان جو هڪ وڏو فلسفي ۽ ڏاهو ٿي گذريو آهي. افلاطون، سقراط جو واحد سعادتمند شاگرد هو، جنهن پنهنجي استاد سقراط جو هڪ هڪ حرف تحرير ڪري کيس فلسفي جي دنيا ۾ هميشه جي لاءِ زندهه جاويد ڪري ڇڏيو.
سُقراط 469 ق. م ۾، يونان جي سڀ کان ترقي يافته رياست اٿينز ۾ پيدا ٿيو. اٿينز جو اُهو سونهري دؤر هو، جڏهن اتي فلسفو، لطيف فن، حڪمت ۽ ٻيا علم وڏي عروج تي هئا. هن سونهري دؤر ۾ سقراط هڪ سنگتراش جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ هڪ دائي هئي. وڏي هوندي سقراط اڪثر مزاحيه انداز ۾ چوندو هو ته ”مون پنهنجيءَ ماءُ جو ڌنڌو سنڀاليو آهي“، ڇاڪاڻ ته سقراط پاڻ کي اڪثر ’فڪر ۽ فهم جي دائي‘ سڏيندو هو.
سقراط ننڍي هوندي کان ئي پيءُ وارو ساڳيو مورتين ٺاهڻ جو ڌنڌو ڪندو هو، سندس ٺاهيل مورتون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. هو بت ۾ سگهو هو ۽ گرمي سرديءَ ۽ ٿڪ جي پرواهه نه ڪندو هو، تهه سياري ۾، اونهاري جا ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ هميشه اگهاڙي پيرين گهمندو هو. هو ڏاڍو سادو ۽ سانگ صرفي سان هلندو هو. وڏي هوندي مورتين جوڙڻ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنائين. سقراط ڪنهن به درسگاهه ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، نه ئي وري سندس ڪو استاد هو.
سقراط مختلف شين جو غور سان مطالعو ڪندو هو ۽ سندس ذهن ۾ ڪيترائي سوال اُڀرندا هئا. هو ماڻهن کان انهن جا جواب پُڇندو رهيو، سوالن پٺيان سوال ڪندو رهيو ۽ اُنهيءَ جستجوءَ ۾ نيٺ هڪ ڏينهن کيس منزل ملي وئي.
سقراط جي ذهن ۾ منڍ کان وٺي هر هڪ شيءِ جي سبب، اُن جي ابتدا ۽ انتها ڄاڻڻ جو بيحد اشتياق هو. هو سوچيندو هو ته ڪائنات ڇا آهي؟ ڪائنات ڪيئن ٺهي؟ اُن جو ٺاهيندڙ ڪير آهي؟ اسين ڪيئن سوچيون ٿا؟ ڇا سوچڻ جون سموريون صلاحيتون رت، هوا ۽ باهه ۾ موجود آهن؟ وغيره وغيره. اِهي سوال سقراط کان اينڪساغورث به ڪيا هئا، جنهن جو چوڻ هو ته ڪائنات عقلِ ڪُل ٺاهي آهي، ان ڪري سُقراط اينڪساغورث کي دلچسپيءَ سان پڙهڻ شروع ڪيو، پر اڳتي هلي ساڻس اختلاف ڪيائين. سقراط جو چوڻ هو ته اينڪساغورث سڄيءَ ڪائنات کي عقلِ ڪُل جي تخليق قرار ڏئي ٿو، پر پوءِ وري ڪائنات کي ايٿر ۽ هوا جي تخليق قرار ڏئي ٿو ۽ پنهنجي عقلِ ڪُل واري راءِ تان ڦِري وڃي ٿو. سقراط جو چوڻ هو ته عقل ڪل ئي تخليق ڪائنات جو ڪارڻ آهي ۽ عقلِ ڪُل مان مراد خدا جي ذات آهي.
سقراط پهريون يوناني فلسفي هو، جنهن خدا جي هڪ هئڻ جو تصور ڏنو.
سِسرو (Cicero)، يونان جي هن عظيم فلسفي سقراط بابت لکيو آهي ته: He brought philosophy down from Heaven to Earth
(اهو سقراط ئي هو، جنهن فلسفي کي آسمان تان زمين تي لاٿو.)
سقراط پنهنجي خيالن جي حمايت ۾ جيڪي دليل ڏنا، جيڪي مثال پيش ڪيا، اهي سمورا زميني هئا، آسپاس جي زندگيءَ سان تعلق رکندا هئا ۽ نظر ايندا هئا. هو ماڻهن کي نيڪيءَ جي واٽ سيکارڻ ۾ لڳي ويو. سندس تعليم جو مطلب هو ته: ”ماڻهو پاڻ کي سڃاڻن، معرفت الاهي حاصل ڪن، منجهن ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ جي طاقت وڌي.“
هن جي تعليم ايڏي ته پر اثر هئي، جو سندس چوڌاري سندس چاهيندڙ نوجوانن جو هڪ حلقو گڏ ٿي ويو. انهيءَ تعليم ڏيڻ جي ڪري توڙي جو هن گهڻا ڏک ڏٺا، ته به خاموش نه رهيو. هو ڏاڍو قناعت وارو هو ۽ چوندو هو ته، ”سڀاڳو سو، جنهن کي تمام ٿورين شين جي گهرج پوي.“ ڪيترائي هوند وارا ماڻهو کيس پئسا آڇيندا هئا، پر هو ڪنهن ڏي نهاريندو به ڪين هو ۽ چوندو هو ته ”جنهن کي بک چڱي لڳي، تنهن کي سٺن طعامن جو ڪهڙو ڪم، آءٌ جڏهن ٿورين ۽ سادين شين تي چڱو وقت پيو گذاريان، تڏهن گهڻي پٺيان ڇو ڊوڙان.“
سقراط نوجوانيءَ ۾ ٽن جنگين ۾ به حصو ورتو. يونان ۾ هڪ قانون اهو به هو ته هر ماڻهوءَ کي هڪ خاص عمر کان پوءِ فوج ۾ شامل ٿيڻو پوندو هو، ان ڪري سقراط جنگ ۾ شموليت ڪئي ۽ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هن پنهنجي ساٿين جون زندگيون بچايون. هڪ جنگ ۾ جڏهن سمورا فوجي شڪست کانپوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ڀڄي رهيا هئا، ان وقت به سقراط پنهنجي جاءِ تي اٽل بيٺو رهيو. سندس هڪ ساٿيءَ ايٿنز ۾ واپس اچي سمورن ماڻهن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان جو هر فوجي سقراط جهڙو هجي ها ته اسان جنگ ۾ شڪست نه کائون ها ۽ اسان جي ڇانوڻي تباهه نه ٿئي ها. سقراط رڳو ٽن جنگين ۾ حصو ورتو ۽ چوٿين جنگ ۾ هو شامل نه ٿيو ۽ پنهنجي حڪمرانن کي چيائين ته: ”هن جنگ ۾ اسان کي تمام وڏي شڪست کائڻي پوندي، منهنجو غيبي علم اها ڳالهه ٻُڌائي ٿو.“
سقراط جي اڳڪٿيءَ تي حڪمرانن يقين نه ڪيو ۽ يونانين کي هن جنگ ۾ وڏو نقصان پهتو، هنن جنگين يونانين کي ڪو به فائدو نه پهچايو، پر سقراط کي سڌو رستو ملي ويو.
سقراط جي هڪ ساٿيءَ جو چوڻ هو ته هڪ رات جنگ جي ميدان ۾ جڏهن سڀ فوجي سمهي رهيا هئا ته سقراط اوڀر طرف منهن ڪري سڄي رات هڪ ٽنگ تي بيٺو رهيو ۽ جڏهن سج نڪتو ته هُن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ چيو ”مون اهو حاصل ڪري ورتو!“ شايد هُن عقلِ ڪُل کي حاصل ڪري ورتو ۽ پوءِ سقراط اٿينز جي گهٽين ۽ بازارن ۾ پنهنجن خيالن جو پرچار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
سقراط جي دوستن جي حلقي ۾ وڌ ۾ وڌ نوجوان شامل هئا. اگاٿن، السي بائڊيز ۽ افلاطون انهن ۾ نمايان هئا. هنن سمورن ۾ افلاطون کي امتيازي حيثيت حاصل هئي. افلاطون ۽ سقراط جو ملڻ هڪ معجزو هو.
افلاطون ۽ سقراط ٻئي هڪ عرصو پري پري رهيا، افلاطون پهلواني ڪندو هو، ڊراما لکندو هو ۽ دوستن ۾ وٺي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻندو هو، جڏهن ته سقراط جنگين ۾ بهادري ڏيکاري داد حاصل ڪندو هو. هو جڏهن جنگ تان واپس آيو ته هڪ مهيني تائين لاڳيتو هڪ خواب ڏسندو رهيو ۽ اُهو خواب اهو هو ته هڪ سونهري پرن وارو پکي هڪ خاص گيت ڳائيندو سندس چوڌاري چڪر لڳائيندو هو. اُن جي چهنب ۾ هڪ گلن جو هار هو ۽ هو گيت ڳائي سقراط جي گلي ۾ وجهندو هو ۽ پوءِ گم ٿي ويندو هو. سقراط کي هن خواب لاڳيتو هڪ پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هو اٿينز جي هڪ بازار مان گذري رهيو هو ته سامهون هڪ خوبصورت نوجوان آيو پئي، جيڪو ساڳيو گيت ڳائي رهيو هو، جيڪو پکي خواب ۾ ڳائيندو هو. سقراط ڏانهس وڌيو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين. سندن هيءَ ملاقات هڪ لافاني رشتي ۾ بدلجي وئي. ان نوجوان جو نالو افلاطون هو، جيڪو استاد جون ڳالهيون ٻُڌي امر ٿي ويو ۽ استاد جون ڳالهيون لکي استاد کي امر ڪري ڇڏيائين.
سقراط ٻه شاديون ڪيون. پهرين هڪ معزز خاندان مان هئي، جنهن جي اٿينز ۾ وڏي حيثيت هئي، ان عورت جو نالو ميرٽو (Myrto) هو. هڪ ڀيري اٿينز ۾ پليگ جي وبائي بيماري پکڙي، جنهن ۾ سندس گهر واري ميرٽو گذاري وئي. چون ٿا ته سقراط اٿينز جو واحد ماڻهو هو، جنهن کي بيماري ڪانه ٿي، ان جو ڪارڻ سندس نيمائتو ۽ مناسب کاڌو کائڻ هو. هو هميشه چوندو هو ته، ”ٻيا جيئن ٿا کائڻ ڪاڻ، ۽ آءٌ کاوان ٿو جيئڻ ڪاڻ.“ سقراط ٻي شادي 50 سالن جي عمر ۾ ڪئي، هن عورت جي سقراط جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت آهي، چون ٿا ته اها تيز مزاج ۽ ڪاوڙ جي تکي هئي. سقراط جا ويجها دوست چون ٿا ته هن سقراط سان ڪڏهن به سڌي منهن نه ڳالهايو ۽ سقراط سندس اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌي کلي ڏيندو هو. هڪ ڀيري اها سقراط تي اهڙي اچي تتي، جو مٿس ڪِنو پاڻي هاريائين، سقراط ڏانهس نهاري، مسڪرائي چيو، ”مون اڳ ئي ڄاتو هو ته تون گجي گجي نيٺ مينهن وسائيندينءَ!“ ان عورت جو نالو زين ٿپي (Xanthippe) هو ۽ هن مان سقراط کي ٽي ٻار ٿيا.
سقراط جڏهن ماڻهن کان سوالن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ کين سندن غلطين کان آگاهه ڪيو ته اڪثر يوناني سندس خلاف ٿي ويا، پر سندس پراثر گفتگو ۽ نصيحتون ٻُڌي ڪافي ماڻهو سُڌري نيڪ ۽ ڏاها ٿي پيا. هو چوندو هو ته جهان ۾ عقل جهڙي ڀلي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جهڙي بُري شيءِ ٻي ڪانهي؛ ۽ ڌن ۽ نسل ڪجهه نه آهي. ان کانسواءِ هو چوندو هو ته جوان ماڻهن کي کپي ته هميشه آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسندا رهن؛ ان لاءِ ته جيڪڏهن هو سهڻا هجن ته چال اهڙي هلن، جيڪا سندن منهن تي پوي؛ ۽ جي ڪوجها هجن ته پنهنجي لياقت سان ڪوجهائي ڍڪڻ لاءِ جتن ڪندا رهن.
سقراط حڪومت ۽ انتظاميه تي سخت تنقيد ڪندو هو، ان ڪري سمورا وڏا آفيسر ساڻس نفرت ڪرڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي اٿينز جا اڪثر وڏا ماڻهو سندس مخالف ٿي ويا، اُنهن ۾ مزاحيه ناٽڪ نويس ارسٽوفنيز (Aristophenes) به شامل هو، جنهن جي طنز ڏاڍي گهائيندڙ هئي. هن جون طنزيه ۽ مزاحيه لکڻيون اڄ تائين شوق سان پڙهيون وڃن ٿيون. هن سقراط کي ڪردار بڻائي، سندس خلاف مزاحيه ڊراما لکيا، جن ۾ سقراط جي نظرين ۽ دليلن تي ظاهر ظهور طنز ڪيل هئي. ان وقت سندس ٻه ڊراما: Clouds ۽ Frogs ڏاڍا مقبول ٿيا.
سقراط شڪل شباهت جو پورو سارو هو، بلڪ بدصورت هو. ليڪن سندس بدصورتيءَ ۾ دنيا جو سمورو حسن شامل هو. اٿينز جا ماڻهو ظاهري خوبصورتيءَ جا قائل هئا، پر سقراطه جسماني طور بي ڍنگو شخص هو. سندس دوست کيس ’ڏيڏر‘ سڏيندا هئا ۽ سڄي اٿينز ۾ Frog Face جي نالي سان مشهور ٿي ويو. سقراط کين سمجهائيندو هو ته آءٌ ٻاهران نه، پر اندران ڏاڍو خوبصورت ماڻهو آهيان. منهنجي ڏاڙهـي بي ترتيب آهي، نڪ چبترو آهي، پيشاني ننڍي آهي، پر ان ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ناهي ۽ مون کي ديوتائن بنايو آهي ۽ اها ديوتائن جي ئي مرضي هئي.
باوجود انهن ٻاهرين بدصورتين جي سقراط کان وڌيڪ نيڪ، سٺو ۽ ذهين ماڻهو سڄي اٿينس ۾ ڪو به نه هو. سندس دوستن جو چوڻ هو ته سقراط کان وڌيڪ نيڪ، شريف، عالم ۽ متوازي فڪر ڏيندڙ شخص هنن سڄي دنيا ۾ نه ڏٺو. سندس اندر ۾ سچائي هئي. هن ڪنهن کي به تڪليف نه ڏني، پر ٻين جون تڪليفون سهندو رهيو، ان حد تائين جو جڏهن کيس زهر جو پيالو ڏنو ويو ته پيالي ڏيندڙ ڏانهن سقراط ڏسي چيو ته، ”تون دنيا جو سڀ کان شريف ۽ نيڪ ماڻهو آهين“ . . . ۽ اهو شخص ڀت ڏي منهن ڪري زارو زار روئڻ لڳو.
سقراط، جن نظرين کي اٿينس جي ماڻهن ۾ عام ڪيو، اهي نظريا اٿينز جي رهواسين کي قبول نه هئا. سقراط جڏهن ڪنهن سان بحث ڪندو هو ته کيس پهرين سندس نظريا ٻڌائڻ جي دعوت ڏيندو هو ۽ پوءِ دليلن سان انهن کي غلط ثابت ڪندو هو ۽ اهڙي ريت اهي سندس خلاف ٿي ويندا هئا، جلد سمورو اٿينس سندس خلاف ٿي ويو. سقراط جي شاگردن جو چوڻ هو ته هڪ غيبي آواز سقراط جي رهنمائي ڪندو هو. سقراط خود چوندو هو ته جڏهن به ڪو آءٌ غلط ڪم ڪندو آهيان ته غيبي آواز مون کي روڪي وٺندو آهي، ان غيبي آواز ئي مون کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان روڪيو. جڏهن مون کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو ۽ پاڻ تي عائد الزامن بابت ڪجهه چوڻو هو ته غيبي آواز مون کي نه عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو، نه مون کي تقرير ڪرڻ کان جهليو. مطلب ته مون جيڪي ڪجهه ڪيو پئي، اُن ۾ منهنجي ڀلائي هئي. ان غيبي آواز شاگردن جي چونڊ ۾ به سقراط جي رهنمائي ڪئي ۽ ان اهڙن شاگردن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪرڻ کان روڪيو، جيڪي نااهل هئا. ان غيبي آواز کيس ماڻهن ۾ پنهنجن خيالن کي عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس نفس جي سُڌاري جو مشورو ڏنو ۽ مٿس واضح ڪيو ته روح جي پاڪيزگي ئي اصل زندگي آهي. هُن جو چوڻ هو ته اهو غيبي آواز مون وٽ خدا جو درجو رکي ٿو. سقراط مال ملڪيت کان وڌيڪ روح ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ کي اوليت ڏيندو هو. سقراط جي دوست زينوفان جو چوڻ هو ته سقراط هميشه محبت جي زبان ڪم آڻيندو هو، هن انصاف جي ظاهري خوبصورتيءَ نه، پر عقلي خوبصورتيءَ کي اهميت ڏني ۽ سدائين اخلاقي تعليم جو پرچار ڪندو هو.
سياست بابت سقراط جا اعتراض معقول ۽ مدلل هئا. اڄ به حڪومت سندس ٺاهيل اصولن تي ڪاميابيءَ سان هلي سگهي ٿي. سقراط، اسيمبلي ميمبرن بابت چوندو هو ته اسيمبلي، احمقن، معذورن، لوهارن، دڪاندارن ۽ منافعي خورن تي ٻَڌل آهي، جن جي سامهون هر وقت اها ڳالهه هوندي آهي ته سستي شيءِ مهانگي اگهه تي ڪيئن وڪرو ڪري نفعو ڪمائجي. سقراط جي دؤر ۾ اٿينز شهر جا دڪاندار، واپاري ۽ ڪاريگر، اسيمبليءَ جا ميمبر هوندا هئا ۽ اسيمبليءَ دوران شهر جا سمورا دڪان ۽ بازارون بند هونديون هيون. اٿينز جي انتظاميا سقراط جي هن راءِ کي پنهنجي بي عزتي تصور ڪندي هئي. هنن سقراط بابت سازش جي سٽا سٽي. سندس دوستن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. سقراط جو دوست ۽ مشهور ناٽڪ نويس يوريپيڊيز به سقراط وانگر آسماني ديوتائن جي خلاف هو، ان سقراط جي پيروي ڪندي چيو ته، ”آسماني ديوتا جيڪڏهن برائيءَ جا مرتڪب ٿين ٿا ته آءٌ کين نه ٿو مڃان.“ هُن هڪ ڊرامو Trojan Women نالي لکيو، جنهن ۾ هن يونان جي فوجين کي جنگ دوران عورتن، پوڙهن ۽ ٻارن تي ظلم ڪندي ڏيکاريو. انتظاميا اهو ڊرامو اٿينز ۾ اسٽيج ٿيڻ نه ڏنو. يوريپيڊيز اُهو ڊرامو هر حالت ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن اهو اٿينز جي سرحد تي وڃي ڪيو، جتي اٿينز جو قانون لاڳو نه پئي ٿي سگهيو. حيرت جو مقام هو ته اُهو ڊرامو ڏسڻ لاءِ صرف هڪ ماڻهو پهتو، جيڪو سقراط هو.
اٿينز جي ماڻهن کي سقراط تي اعتراض هو ته هن نوجوان نسل جي اخلاق کي خراب ڪيو آهي. کُليءَ ريت مذهبي ديوتائن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ هڪ خدا جو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه اٿينز جي رهواسين لاءِ ڏکي هئي. هن اٿينز جي اسيمبليءَ جي فيصلن تي کُلي تنقيد ڪئي ۽ اهڙن قانونن کي للڪاريو، جيڪي انساني حقن جي خلاف هئا، ان ڪري حڪومت ۽ انتظاميا سندس خلاف ٿي وئي ۽ سقراط کي عدالت ۾ گهرايو ويو. سقراط تي ان دؤر جي هڪ شاعر ميليٽس مقدمو دائر ڪيو. هن تي مذهبي رسمن ۽ ديوتائن جي تذليل ۽ نئين نسل جي اخلاقيات خراب ڪرڻ جا الزام هنيا ويا. سقراط جو مقدمو هلائڻ لاءِ 501 ماڻهن جي جيوري ٺاهي وئي ۽ اٿينز جا سمورا ماڻهو مقدمو ٻُڌڻ لاءِ عدالت ۾ اچي گڏ ٿيا. ٻين سان گڏ سندس زال زين ٿپي به عدالت ۾ آئي، ڇو ته هوءَ سندس خيالن سان اتفاق نه رکندي هئي ۽ هميشه چوندي هئي ته ”سقراط جڏهن به گهر اچي ٿو، ته سودو سلف وٺي نه ٿو اچي، رڳو پاڻ تي الزام کڻي گهر اچي ٿو.“
سقراط مرڪندي، دلي سڪون سان پاڻ تي لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪيو. سقراط سندن ڪوڙ کي عدالت ۾ بي نقاب ڪيو ۽ صاف صاف چيو ته ”آءٌ پاڻ تي لڳل الزامن جي صفائي روئي پيش نه ڪندس، پر مڙسيءَ سان هر ڳالهه برداشت ڪندس، آءٌ موت کان نه ٿو ڊڄان، مون لاءِ موت، زندگيءَ جو خاتمو نه آهي، پر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقليءَ جو نالو آهي. ترت اٿينز جي ماڻهن کي اهو احساس ٿيندو ته هنن هڪ داناءَ، ساڃهه وند ۽ ذهين شخص کي مارايو. وقت تمام ٿورو آهي ۽ گهٽ وقت ۾ ڪوڙن جو جواب ڏئي نه ٿو سگهجي. آءٌ اڳئين جهان ۾ ديوتائن ڏانهن ان اميد سان وڃي رهيو آهيان ته مون کي انصاف ملندو، جيڪو هن دنيا ۾ ملڻ ناممڪن آهي.“
سقراط، عدالت ۾ صاف صاف چيو ته ”مون تي سمورا الزام بي بنياد آهن، آءٌ سچ ڳالهائي رهيو آهيان ۽ سچ مون کي غيبي سگهه عطا ڪيو آهي. آءٌ اهڙين شين جي ڳولا ۾ رهندو آهيان، جيڪي آسمانن مٿان ۽ زمين جي هيٺيان آهن ۽ اها ڳالهه ٻين کي سيکاريندو آهيان. آءٌ ڪنهن کي به ڪجهه سيکارڻ جو اجورو نه وٺندو آهيان. هونئن به آءٌ ڪنهن کي ڀلا ڪهڙي تعليم ڏئي سگهان ٿو، مون کي ڪجهه به نه ايندو آهي.“ سقراط عدالت ۾ وري وري هيءَ ڳالهه دهرائي ته ”آءٌ هڪ ڳالهه ۾ ٻين کان وڌيڪ سياڻو آهيان، ٻيا ڄاڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، جڏهن ته اهي ڪجهه به نه ٿا ڄاڻن، پر آءٌ ڄاڻان ٿو ته آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان.“
هن وڌيڪ چيو ته مون حقيقت جي تلاش ۾ ڪافي مصيبتون ڏٺيون آهن. آءٌ سياستدانن، الميه نگارن ۽ شاعرن وٽ ويس، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته کين به اها ڄاڻ ئي نه هئي ته هُنن ڇا لکيو آهي. مون جڏهن کين سندن ڪمزوريءَ جو احساس ڏياريو ته هو منهنجي خلاف ٿي پيا.“
سقراط مدلل ۽ معقول تقرير ڪئي، پر عدالت تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ جيوريءَ ڪثرت راءِ سان سقراط لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي. سقراط موت جي سزا جو فيصلو ٻُڌي مرڪندي چيو ته، ”اي اٿينز جا ماڻهو! هاڻي توهان کي وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوندو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اوهان کي اهو احساس ٿيندو ته اوهان هڪڙي عقلمند ماڻهوءَ کي موت جي منهن ۾ ڏنو“- پوءِ سقراط مسڪرائيندي جيوريءَ جي ميمبرن کي مخاطب ٿيو ته ”هاڻي موڪلاڻيءَ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، اسان پنهنجن پنهنجن رستن ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ڪهڙو رستو سٺو ۽ ڪهڙو رستو خراب آهي، اهو نه توهين ڄاڻو ٿا ۽ نه وري آءٌ، ڄاڻڻ واري خدا جي ذات آهي.“
سقراط تي هڪ الزام اِهو به هو ته هُو خوبصورت ۽ نوجوان ڇوڪرن سان جسماني واسطا رکندو هو، ڇو ته يونان ۾ ان زماني ۾ ڇوڪرن سان عشق جي بيماري عام هئي. السيبائيڊيز نالي هڪ خوبصورت نوجوان سقراط سان گڏ رهندو هو، جڏهن ماڻهن اُن تي اعتراض ڪيو ته سقراط وراڻيو ته، ”آءٌ کيس پاڻ سان سدائين گڏ ان ڪري رکندو آهيان ته جيئن هي منهنجيءَ صحبت ۾ هڪ سٺو انسان بڻجي وڃي.“
جيوريءَ جي 501 ميمبرن جي ذهن ۾ اڳواٽ ئي فيصلو موجود هو، ان ڪري سقراط چيو ته ”مون کي خبر آهي ته ميليٽس منهنجي خلاف مقدمو ڪنهن جي چوڻ تي داخل ڪيو آهي، آءٌ عقلمند آهيان، آءٌ اها ڳالهه نه ٿو چوان، پر غيبي طاقت چئي رهي آهي.“
سقراط عدالت ۾ تمام گهڻا دليل ڏنا، پر ڪوڙ، سچ جي دليلن کي نه ٻُڌو ۽ سقراط کي زهر جو پيالو (Hemlock) پيئڻ جي سزا ڏني وئي. سقراط جا دوست روزانو ساڻس جيل ۾ ملڻ ويندا هئا ۽ سندس ڳالهيون ٻُڌندا هئا، جن ۾ نيڪي، خير، زندگي ۽ موت تي روشني وڌل هوندي هئي. سقراط موت کان هيسيل نه هو ۽ چوندو هو: ”موت منهنجو جسم فنا ڪري سگهي ٿو، منهنجي روح کي ماري نه ٿو سگهي.“
سقراط جي دوستن جيل جي داروغي کي لالچ ڏئي سقراط کي جيل مان ڀڄائڻ جو سوچيو، پر سقراط راضي نه ٿيو ۽ کين چيائين ته ”آءٌ موت کان نه ٿو ڊڄان، پوءِ ڀڄان ڇو؟ جيڪڏهن آءٌ جان بچائي ڀڄي ويس ته هميشه لاءِ مري ويندس ۽ جيڪڏهن آءٌ زهر پي مرندس ته قيامت تائين زندهه رهندس.“
سقراط، عدالت جي فيصلي کي قبول ڪندي خوشيءَ سان وهه جو پيالو پي دم ڏنو. اهو سن 399 ق. م هو.
سقراط اڄ به پنهنجي فلسفي ۽ فڪر جي ڪري زندهه آهي. سقراط پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه چيو ۽ پيغام ڏنو، سو سندس پياري شاگرد افلاطون پنهنجين تحريرن ۽ مڪالمن ذريعي محفوظ ڪري ورتو ۽ اڳتي هلي سقراط جا اهي خيال، جديد دنيا جي فلسفي جو بنياد بنيا. ول ڊيورانٽ چيو آهي ته:
“Every school of social thought had there, its representative, and its origin.”
سقراط جي ڪهاڻي سندس ڳالهين، سندس محبت ۽ سوچ ’ڪلهه‘ به حقيقت هئي، ’اڄ‘ به حقيقت آهي ۽ مستقبل ۾ به ’حقيقت‘ رهندي. ڇو ته ول ڊيورانٽ جا ئي لفظ آهن:
His life story is a golden thread in the dark fabric of the world history.
سقراط جي فڪر ۽ فلسفي جو سڄيءَ دنيا سان گڏ سنڌ تي به اثر ٿيو. سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ’سقراط‘ سچ ۽ حق جي علامت طور ڪم آيو آهي.


لفظ سقراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو