سلات تنظيم

سلات (تنظيم): ’سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم‘، جيڪا ’سلات‘ جي مخفف سان مشھور آهي، اُن جو بنياد، نوجوان سگهڙ عاجز رحمت لاشاريءَ جي ڪوششن سان، 23 مارچ 2004ع تي ڄام شوري ۾ پيو. تنظيم جو سرپرست اعليٰ ناميارو اديب ۽ سگهڙ دُر محمد ڪمال آهي. هن تنظيم سنڌ جي 117 سگهڙن جي مختصر سوانح تي مشتمل هڪ ڊائريڪٽري ’سنڌ سڄاڻ سگهڙ‘ عنوان سان ڇپائي پڌري ڪئي آهي. ان کان سواءِ پنھنجي مدد پاڻ تحت 10 کان وڌيڪ سگهڙن جا ڪتاب بہ هن تنظيم جي پليٽفارم تان شايع ڪرايا ويا آهن.
هن وقت ’سلات‘ جون سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ شاخون قائم آهن، جڏهن تہ جعفرآباد، لسٻيلي (بلوچستان) ۽ پنجاب جي سرائڪي پٽيءَ ۾ بہ سلات جون شاخون قائم ڪيون ويون آهن. هيءَ تنظيم مختلف موقعن تي سگهڙن جون ڪچهريون ۽ لوڪ موسيقيءَ جا پروگرام منعقد ڪندي رهندي آهي.
’سلات‘ طرفان ڇپايل ڪتابن جي لسٽ هن ريت آهي: (1) ’لالڻ جي لوچ‘: سگهڙ لعل ڏنو شر، (2) ’رمزون رحمت جون‘: عاجز لاشاري'>رحمت لاشاري، (3) ’رنگ رحمت جا‘: عاجز لاشاري'>رحمت لاشاري، (4) ’مٺا ٻول محبوب جا‘: محبوب علي ڏيپر، (5) ’صدين جي سوغات‘: نظير احمد ميمڻ، (6) ’مٽيءَ جي خوشبوءِ‘: محمد ايوب جوڻيجو، (7) ’محبت جا موتي‘: علي گوهر قريشي، (8) ’محبت جي منزل‘: علي گوهر قريشي،
(9) ’مولود ۽ مداحون‘: عاجز لاشاري'>رحمت لاشاري.
سلات تنظيم، سال 2012ع دوران ڄام شوري ۾ سنڌ بلوچستان جي سگهڙن جي ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سهڪار شامل هو. ان کانسواءِ هن تنظيم جي اڳواڻ عاجز رحمت لاشاريءَ، ڄام شوري، حيدرآباد، مٽياري، پني عاقل ۽ ٻين علائقن جي سگهڙن جون ڪچهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ’محمد ابراهيم جويي اسٽوڊيو‘ ۾ رڪارڊ ڪرائڻ ۾ سهڪار ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2004.03.23  عيسوي

سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم‘، جيڪا ’سلات‘ جي مخفف سان مشهور آهي، اُن جو بنياد، نوجوان سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ڪوششن سان، 23 مارچ 2004ع تي ڄام شوري ۾ پيو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪستان ريلوي
پاڪستان رائٽرز گلڊ
سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي
پاڪستان سائنس فائونڊيشن
دُور درشن
انجمن آفتاب ادب دادو
بي بي سي
خدائي خدمتگار تحريڪ
سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي
تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون