
سلاجيت
سلاجيت (Salajeet): سلاجيت هڪ قدرتي ڪيميائي مرڪب آهي، جنهن کي آيرويدڪ ۾ هر بيماريءَ لاءِ اڪثير ۽ طلسمي خاصيتون رکندڙ وکر سمجهيو وڃي ٿو. هماليہ جا جوڳي ان کي ڀڳوان پاران هڪ قسم جو تحفو سمجهن ٿا، جو ان جي استعمال ڪرڻ سان ڪيترين بيمارين کان نجات سميت انسان اهڙو سدا بھار رهي ٿو، جو انساني جسم کي جبل جيان مضبوط ۽ پيرسنيءَ بجاءِ سدا جواڻ جماڻ رکي ٿو. سلاجيت کي موميجو (Mumijo) ۽ موميا (Momia) يا سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ’هماءِ‘ نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو گهاٽو، چيڙهالو، ڏامر جهڙو، رنگ ۾ سفيد ۽ گهرو ناسي ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ گلگلت بلتستان جي جبلن سميت ڪوڪيسيس (Coucasus) ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جبلن جو هڪ سلسلو، التائي (Attai، منگوليا- چين ۽ ڪاغستان- روس) ۽ تبت جي جبلن مان بہ لڀي ٿو. انڊيا ۽ روس ۾ سلاجيت جي ڪيميائي جوڙجڪ تي گهڻي زماني کان وٺي تحقيق هلي رهي آهي، سلاجيت ۾ موجود ڪيميائي مادن ۾ ان جي ملندڙ هنڌ جي نسبت سان گهڻو فرق ٿئي ٿو، جڏهن تہ منجهس 85 قسمن جي معدنيات، نباتاتي کؤنر ۽ دال ۾ ٿيندڙ تارپين (Triterpenes)، هيومڪ (Humic) تيزاب ۽ فلوڪ بہ ٿئي ٿو، ڪوڪيس ۾ التائي جبلن مان لڀندڙ سلاجيت کي موميجو سڏيو وڃي ٿو.
سلاجيت اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ مان نڪتل آهي ۽ ان جي معنى ’جبل جهڙو‘ آهي. سلاجيت کي انگريزيءَ ۾ معدني دال، (Mineral Pitch)، معدني ميڻ (Mineral Wax)، معدني لوڻ (Mineral Oil) پٿر جي تيل ۽ پٿر جي پگهر جي نالن سان لاطينيءَ ۾ ائسڦالٽم پنجابيئنينم نالي سان سڏجي ٿو. سلاجيت لاءِ سمجهيو وڃي ٿو تہ جبل جي چيرن ۽ ڦاٽن مان سج جي تپش سبب وهي پوي ٿو. موميجو اصل ۾ يوناني لفظ تان ورتل آهي ۽ ان جو ارسطو ۽ ابن سينا هڪ روڳ ماريندڙ ۽ محرڪ جون خاصيتون رکندڙ طور ذڪر ڪيو آهي. ڪيترا سائنسدان عام مقامي ماڻهن جي ان ڳالھہ سان سهمت آهن تہ هنن ڪيترن زخمي جانورن کي بار بار اهڙين غارن ۾ ويندي ڏٺو آهي، جتي موميجو ٿئي ٿو ۽ ان رستي هنن سلاجيت ڳولي لڌو آهي. سلاجيت جي اصليت ۽ خاصيت بابت مقامي ماڻهن وٽ ڪيتريون ئي لوڪ ڪٿائون آهن، جيڪي گهڻيون وڌائي ٻڌايون وڃن ٿيون. جيڪڏهن سلاجيت غلاظت کان آجو ۽ نج هجي تہ ناسي ڪاري لئي جهڙو، چمڪندڙ مٿاڇري سان، هڪ مخصوص بوءِ وارو ۽ ڪڙي سواد سان ٿئي ٿو، پلاسٽڪ جيان ورتاءُ ڪري ٿو، 20 ڊگري سينٽي گريڊ کان گهٽ گرمي پد تي نهرو ۽ گرم ڪرڻ سان نرم ٿي وڃي ٿو، پاڻيءَ ۾ سولائيءَ سان ڳري وڃي ٿو، اڱرين ۾ مهٽڻ سان نرم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين رکي سگهجي ٿو.
سائنسدان اڃا تائين فيصلو نہ ڪري سگهيا آهن تہ سلاجيت اصل ۾ هڪ حياتياتي (Biological) وکر آهي يا يا معدني جو منجهس ڪيترن قسمن جي وٽامنن ۽ امينو تيزاب جا نشان موجود آهن. ائنٽ آرڪٽيڪا مان حاصل ٿيندڙ سلاجيت ۾ گليسورول جا بنياد موجود آهن ۽ سمجهيو وڃي ٿو تہ ان ۾ بہ طبي خاصيتون موجود آهن.