سلامي ملا: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”ملا سلامي، ترخان حاڪمن جي دور ۾ معروف خوش طبع شاعر هو. هن جا عجيب ۽ کل جھڙا واقعا اڄ بہ ماڻهن کي ياد آهن. ملا سلامي جڏهن خوش طبعيءَ جهڙيون ڳالهيون شروع ڪندو هو، تڏهن هي بنا ڪنهن خوف جي وقت جي حاڪمن، اميرن ۽ وزيرن کي بہ بخش نہ ڪندو هو. هڪ دفعي درٻار ۾ هڪ وزير ملا سلاميءَ تي طنز ڪيو، جنهن تي ملا سلاميءَ هڪدم ان وزير کي اهڙو ٺاهوڪو جواب ڏنو، جو سڄي درٻار ۾ کل شروع ٿي وئي ۽ اهو وزير گهڻو پشيمان ٿيو. ملا سلامي خوش طبعي کانسواءِ هڪ بھترين مقرر پڻ هو، انهيءَ ڪري هو ترخان حاڪمن جي گهڻو ويجهو هو.“