سلا خان ڊومينيق، ڊاڪٽر: مشھور فرينچ اسڪالر، افسانوي ادب جي ليکڪا، محقق ۽ ڊاڪيومينٽري فلمن جي خالق، سلا خان هن وقت هندستان جي شھر جئپور ۾ رهي ٿي، جتي هوءَ انسٽيٽيوٽ آف راجسٿان اسٽڊيز ۾ ايسوسيئيٽ فيلو آهي ۽ ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي ميمبر آهي. هوءَ تحقيق سان لاڳاپيل آهي. سندس تحقيق جو موضوع ’ڏکڻ ايشيا ۾ هندو مسلم لاڳاپا‘ آهي، هوءَ خاص ڪري نزاري اسماعيلين جي هندستان ۾ وڃائجي ويل يا ختم ٿي ويل شاخن جو اڀياس ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر سلا خان جي پهرين ڊاڪٽوريٽ لٽريچر (ادب) ۾ ۽ ٻي اينٿراپالاجيءَ (علم بشريات) ۾ آهي، جيڪي ٻئي هن پيرس جي يونيورسٽي سوربون (Sorbonne) مان ڪيون. سندس پهريون ڪتاب 1997ع ۾ ڇپيو، جيڪو هندستان ۾ مذهب مٽائڻ سان مٽجندڙ سڃاڻپ جي روشنيءَ ۾ لکيل هو ۽ هن راجسٿان ۾ رامديو پير ۽ اسماعيلين جي موضوع تي لکيو هو. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) Conversions and Shifting Identities- Ramdev Pir and Ismailies in Rajasthan (2003), (2) Crossing the Threshold: Understanding Religious Identities: Institute of Ismaili Studies London (2004), (3) The Pranami Faith: Beyond Hindu and Muslim (2002), (4) Sacred Kerala, (5) Baba Ramdev (French: 1997). هن جا ٻيا ڪيترا فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيل آهن.