سلطانه سورٺ

سلطانه سورٺ

سلطانہ سورٺ

سُلطانه سورٺ: فنڪارہ سلطانہ سورٺ جو جنم شھدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ 1977ع ڌاري ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عيدن ملاح آهي. سلطانہ سورٺ موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي اُستاد مرحوم موسيقار رجب علي رضا کان حاصل ڪئي، جنهن سلطانہ سورٺ کي پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو. سلطانہ سورٺ پنھنجي فن جي شروعات سنڌ جي ثقافتي پوشاڪن سان (شازين خشڪ وانگي) ڪئي ۽ تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. هن سال 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تي پڻ فن جو مظاهرو ڪيو. اُن کانپوءِ لاهور ۽ اسلام آباد جي سينٽرن تي پڻ پروگرام ڪيا ۽ شھرت حاصل ڪئي. اُستاد رجب علي رضا کان سواءِ سلطانہ سورٺ، موسيقار غلام حسين کان پڻ تربيت حاصل ڪئي. سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي گائيڪيءَ ۽ انداز جي ڪري مشھور آهي.


لفظ سلطانہ سورٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو