
سلطانه صديقي
سلطانہ صديقي: مشھور پروڊيوسر سلطانہ صديقي، سنڌ جي هڪ اهم خاندان سان تعلق رکي ٿي. سندس والد جو نالو امداد محمد صديقي هو. سندس ڀائرن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ ۽ مشھور واپاري، صنعتڪار ۽ بينڪار جھانگير صديقي ڄاتل سڃاتل شخصيتون آهن. سلطانہ صديقي هن وقت پاڪستان ۾ ’هم ٽيليويزن‘ جي نالي سان خانگي ٽي. وي چئنل جي سربراھہ ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئر پرسن طور ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ سندس شمار ڪامياب عورتن ۾ٿئي ٿو. هن پنھنجي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گورنمينٽ گرلس اسڪول حيدرآباد (ميران اسڪول) مان مئٽرڪ ۽ زبيدہ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ 65-1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان مذهبيات ۾ تقابلي مطالعي جي شعبي مان بي اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪيو. ان کانسواءِ ان دور ۾ تقريري مقابلن ۽ ڊبيٽ ۾ لاڳيتو ٽي سال پهريون ۽ ٻيو نمبر کڻندي رهي. کيس سي.ايس.ايس ڪرڻ جو گهڻو شوق هو، پر شادي ٿيڻ سبب سندس تعليم جو سلسلو اڳتي وڌي نہ سگهيو. شاديءَ کانپوءِ هن پنھنجي لاءِ ٽي. وي جي شعبي جو انتخاب ڪيو. سندس پهريون پروگرام ’سرتين سٿ‘ هو، جيڪو 1984ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيو، جنهن ۾ هن ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا. تنهن کانپوءِ جلد ئي پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ ٻن سنڌي ڊرامن ۾ مکيہ ڪردار ڪري اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريائين. ان کانسواءِ پاڪستاڻ ٽيليويزن نيٽ ورڪ ۾ پروڊيوسر مقرر ٿي ۽ پروگرام مئنيجر ۽ سينئر پروڊيوسر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪري چڪي آهي.
سلطانہ صديقي عملي زندگيءَ کان علاوہ سماجي زندگيءَ ۾ بہ ٻين ڪيترن ئي ادارن سان وابستہ رهي آهي، جن ۾: صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (خواتين شاخ)، ميڊيا وومن جرنلسٽ ائنڊ پبلشرز آرگنائيزيشن جي صدر، جامعہ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر، پاڪستان ۾ قائم دفاعي ۽ ڪاروباري پيشہ ور خواتين جي ڪميٽيءَ جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل، ڪراچيءَ جي ميمبر شپ پڻ شامل آهن. هن پنھنجي عملي سفر ۾ بيشمار اوارڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ڪيا آهن. جن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل، صحافتي ادارن طرفان وومن آف دي ويزن اوارڊ (Women of the Vision Award) نگار اوارڊ، لطيف ادبي اوارڊ (نشان لطيف)، خديجة الڪبريٰ گولڊ ميڊل ۽ 2007ع ۾ ’صدارتي اوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي‘ قابل ذڪر آهن.
سلطانہ صديقي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ ٽيليويزن متعلق منعقد ٿيندڙ سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾ بہ وقت بوقت حصو وٺندي رهي آهي، جڏهن تہ ڪيترن ئي قومي توڙي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ خصوصي مقرر طور شرڪت پڻ ڪيائين. اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سندس شادي شفيع قريشيءَ سان ٿي. ان حوالي سان ڪجهہ وقت سلطانہ شفيع جي نالي سان سڃاتي وئي، پر اها شادي گهڻو وقت نہ هلي سگهي. سلطانہ صديقيءَ کي ٽن پٽن جو اولاد آهي، جيڪي ساڻس گڏ رهن ٿا ۽ پنھنجي والدہ جي ٽيليويزن چئنل ۾ مددگار هئڻ سان گڏ پنهنجو ڪاروبار بہ ڪن ٿا. سلطانہ سنڌ جي انهن ڪامياب عورتن مان هڪ آهي، جيڪي پنھنجي صلاحيتن سان پاڻ مڃائي اڳتي وڌن ٿيون.