سلطان احمد ’سلطان‘: نامور عالم، حڪيم ۽ شاعر مولانا سلطان احمد ولد سالار خان جتوئي، 1912ع ڌاري ڊکڻ شھر لڳ شاھہ جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل سکر ضلعي جي سانگي اسٽيشن ڳوٺ کان لڏي اچي ’شاھہ جي ڳوٺ‘ ۾ رهيا، جتان پوءِ لڏي رتيديري ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
سلطان احمد ديني تعليم جندي ديري جي مدرسي ۾ مولوي محمد مبارڪ وٽان حاصل ڪئي، ان بعد ڳوٺ ڀلي ڏني آباد ۾ پنھنجي ناني مولوي خادم حسين جتوئيءَ وٽ پڙهيو. ان بعد ڪجهہ وقت مولوي غلام رسول عباسيءَ وٽ ۽ شھر پاٽ ۾ بہ پڙهيو. مولانا سلطان احمد، مولانا عبدالحق رباني نصرپور واري وٽان فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ رتيديري ۾ مدرسو کولي درس ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهہ وقت لاءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ سرهيا پڌر واري مدرسي ۾ خطيب ۽ مدرس بہ ٿي رهيو. کيس مطالعي ۽ شعر و شاعريءَ جو بيحد شوق هو. سندس مطالعي هيٺ اڪثر ديني ڪتاب رهندا هئا. وٽس وڏو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ ناياب عربي ۽ فارسي ڪتاب هوندا هئا. هو اعلى درجي جو حڪيم، خطيب ۽ عالم هو. سندس هڪ مولودن جو ڪتاب ’سلطاني مولود‘ مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز شڪارپور ڇپرايو هو.
مولوي سلطان احمد 1975ع ڌاري وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ رتيديري ۾ سندس ئي تعمير ڪرايل سلطانيه مسجد ۾ آهي، جتي سندس وڏو پٽ عبيدالله جتوئي پيءُ جي لائبرري سنڀالي رهيو آهي.