سلطان جنگ: مير يار محمد خان ٽالپر پنھنجي ڪتاب ’فريئر نامہ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”سلطان جنگ جو خطاب مير مرزا فقير جو آهي.
مير مرزا فقير وڏو بھادر ۽ دلير هوندو هو، جنگين ۾ هو هميشہ دشمنن جي لشڪر جي وچ ۾ گهڙي وڙهندو هو ۽ اها سندس مشھور ڳالھہ آهي تہ انهيءَ دليريءَ ۽ جوانمرديءَ سبب ڪلهوڙن حاڪمن کيس’سلطان جنگ‘ جو خطاب ڏنو. هي تمام گهڻو بھادر هو. ميان عبدالنبي وڏي چالاڪيءَ سان مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان سان گڏ مير مرزا فقير کي بہ قرآن پاڪ موڪلي، پاڻ وٽ گهرائي، قيد ڪرائي، وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.