سلطان سامٽيو: ڪلهوڙا دؤر جي اميرن، وزيرن ۽ سپھہ سالارن بابت، ڪتاب ’ڪلهوڙا دؤر حڪومت‘ (از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو) ۾ پهرين ڀيرو جامع ۽ مربوط انداز سان مواد گڏ ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مصنف سلطان سامٽيي بابت واضح مواد پيش ڪيو ويو آهي ۽ لکي ٿو ”هو هڪ فوجي اڳواڻ هو، جنهن ذڪر هيٺ دؤر ۾ اهم خدمتون سر انجام ڏنيون. سن 1745ع ۾ پاڻ ٺٽي جو ناظم هو. ان دؤر ۾ نادر شاھہ جي ماڻهن ۽ دائود پوٽن ۾ شڪارپور تي وڏي ويڙھہ هلي رهي هئي. ان مشڪل دؤر ۾ ميان نور محمد، ٺٽي مان سلطان سامٽيي ۽ شيخ شڪر ﷲ کي صلاح مصلحت لاءِ خدا آباد سڏي ورتو هو. ٺٽي ۾ فساد پکڙجي ويو هو. جيئن ئي شڪارپور جي مُهم لاءِ نادرشاھہ جو ڪمانڊر سردار طهماسپ جلائر واپس موٽي ويو، تيئن سلطان سامٽيو واپس ٺٽي جي گورنر (ناظم) طور موٽي آيو. لاڙ پٽ ۾ ڪلهوڙن جي خلاف سڀني بغاوتن کي اچي منهن ڏنائين ۽ امن امان جي قيام ۾ سوڀارو ٿيو. سلطان سامٽيو ٺٽي جو حاڪم ئي هو، جو 1746ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي مزار مَڪلي ٽڪريءَ تي، سيد محمد يوسف رضويءَ جي قبرستان ۾ آهي. (ڪلهوڙا دؤر حڪومت، ص 296-297).