سلطان شاھہ: مشھور شاعر سلطان شاھہ ولد نور ﷲ شاھہ لاڙڪاڻي جو رهاڪو ۽ نوشهري فيروز جي بزرگ، شاھہ نصير جي درگاھہ جو مريد هو. سلطان شاھہ پنھنجي دؤر جو ڪافيءَ جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي. ڪيترو ڪلام چيائين، جيڪو قلمي بياض جي صورت ۾ آهي. شاعريءَ ۾ ’سلطان‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس ڪلام الستي رنگ ۾ رتل آهي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس ڪلام ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”سلطان شاھہ، شاھہ نصير جي درگاھہ جو طالب هو. پنھنجي ڪلام ۾ درگاھہ جي ٻين سجادہ نشينن: نول گهوٽ، شاھہ ڪريم ۽ عبدالعلي شاھہ توڙي درگاھہ جي طالبن فقير خير محمد هيسباڻي، عثمان فقير سانگي، عين علي شاھہ ۽ نور ﷲ شاھہ بہ پنھنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.“ سندس ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون ملي نہ سگهيون.