سلطان علي شاھہ

سلطان علي شاھہ: شاعر ۽ بزرگ سلطان علي شاھہ ولد گل محمد شاھہ بخاري ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ تعلقي حيدرآباد جو رهاڪو هو، سندس جنم 1284ھہ/ 1867ع ڌاري ٿيو. ننڍيءَ عمر ۾ فقيري رنگ چڙهڻ جي ڪري صوفياڻي شاعري ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ حسن کانسواءِ وحدت جي وائي ۽ عشق جي رمزن جا راز سمايل آهن. پنھنجي پاڙيسري ۽ همعصر شاعرن مان مصري شاھہ ۽ محمود فقير کٽياڻ سان سندس روح رهاڻيون هيون. سلطان علي شاھہ عمر جي پوئين حصي ۾ درگاھہ جهوڪ شريف تي اچي فيض حاصل ڪيو ۽ گهڻو وقت ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو. وفات بعد ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ دفن ٿيو.


لفظ سلطان علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو