سلطان لعل ابراهيم: هيءُ بزرگ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان چيو وڃي ٿو، جيڪو ستين صدي هجريءَ ۾ عرب کان سنڌ ۾ آيو. سنڌو درياءَ جي ڪناري چلو ڪڍيائين ۽ خدا جي ياد ۾ ايترو تہ گم ٿي ويو، جو درياءَ جي واري مٿان وري ويس. روايتن موجب جڏهن حضرت شھباز قلندر پنھنجي دوستن سميت ان جاءِ تان گذريو تہ پنهنجن دوستن کي چيائين تہ هت بہ لعل لڪل آهي. پوءِ لعل ابراهيم وٽ وڃي کيس چيائين: ’هينئر ظاهر ٿيءُ‘ تہ درويش ظاهر ٿيو ۽ شھباز قلندر سان ملاقات ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجهه وقت حضرت لعل شھباز قلندر جي صحبت ۾ رهي، ان کان روحاني فيض پرايائين. پاڻ قادري سلسلي جو بزرگ هو، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن هن بزرگ وٽان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ هزارين سندس مريد ٿيا. خاص ڪري هن وقت بہ ٻرڙا ۽ دل ذات جا ماڻهو سندس مريد آهن. هن بزرگ جي درگاھہ ڳوٺ اورنگ آباد، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.