سلطان محمد مهردار

سلطان محمد مهردار: ارغون دور ۾ ميرزا شاھہ بيگ پنھنجي پٽ ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون کي بکر طرف نئين قلعي ٺهرائڻ لاءِ حڪم ڏنو. شاھہ بيگ ارغون پيءُ جي حڪم موجب پاڻ سان ٻين اميرن سان گڏ سلطان محمد مهردار کي پڻ وٺي ويو. شاھہ بکر ۾ پهچڻ شرط روهڙيءَ ۾ سيدن کي رهڻ لاءِ جايون ڏنيون ۽ بکر ۾ اروڙ شھر جي سرن مان نئون قلعو ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين. جڏهن پوري هڪ سال ۾ قلعو مڪمل ٿيو تڏهن شاھہ بيگ ارغون سلطان محمد مهردار کي اتي قلعي ۾ نگران ڪري پاڻ واپس ٺٽي هليو آيو. سلطان محمد مهردار قلعي کي تمام سھڻي نموني سنڀاليو، شاھہ حسن بيگ ارغون، سلطان محمد مهردار انهي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس انعام و اڪرام پڻ ڏنائين.


لفظ سلطان محمد مهردارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو