سلطان محمود خان بکري

سلطان محمود خان بکري: خان بکري'>سلطان محمود خان بکري بن مير فاضل بن عادل بن احمد، خواجہ اصفهاني نسل جو هو. سندس وڏا خراسان جا رهندڙ هئا ۽ سندس پشت چين جي بادشاهن سان وڃي ملي ٿي، جيڪو اصفهان جي شهنشاهت جو هڪ پرڳڻو هو (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 260-261). مير معصوم جي هن روايت جي ابتڙ مشھور محقق پير حسام الدين راشديءَ، اصفهان جي سرزمين جي مشاهدي ۽ تاريخي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ لکيو تہ مير معصوم جي اها راءِ درست نہ آهي. سلطان محمود جا وڏا خوزستان جا هئا، جيڪو اصل ۾ ’ري‘ ڳوٺ جو آهي، جيڪو اصفهان جو هڪ تعلقو آهي. (غلام محمد لاکو: ’ڳالهيون منهنجي سنڌ جون‘ ص 149، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2007ع). سلطان محمود بکري چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاھہ بيگ جي لشڪر ۾ شامل ٿيو. سمن کان اقتدار کسڻ واريءَ جنگ ۾ محمود بکري، شاھہ بيگ جي لشڪر ۾ شامل هو. هي واقعو 1520ع ۾ ٿي گذريو آهي. شاھہ بيگ کيس بکر جي قلعي (علائقي) جو ناظم مقرر ڪيو.
شاھہ بيگ جي وفات (1522ع) کان پوءِ مرزا شاھہ حسن ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو. پوءِ بہ بکر جو علائقو محمود بکريءَ جي حاڪميت ۾ رهيو. محمود بکري ڪڇ جي واليءَ سان جنگ وقت، شاھہ حسن ارغون جي ڀرپور مدد ڪئي هئي. همايون دهليءَ جو تخت تاج وڃائي، جڏهن 1541-1542ع ڌاري سنڌ ۾ ڦرندو رهيو تہ ان وقت بہ شاھہ حسن ارغون جي حڪم تي، محمود بکريءَ کيس ڏاڍي تڪليف ڏني. 1955ع ۾ شاھہ حسن ارغون فوت ٿيو، تڏهن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ٺٽي تي ترخانن جو راڄ قائم ٿيو ۽ بکر تي محمود بکري خودمختياريءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو.
محمود بکري پنھنجي پوري دور ۾ مختلف سنڌي قبيلن کي پوريءَ طاقت سان چٿيو، جيڪي ارغونن ۽ محمود بکريءَ جي حڪومت جا مخالف هئا. مير محمد معصوم بکريءَ ان جا تفصيل ڏنا آهن، جنهن دور ۾ شاھہ حسن ارغون فوت ٿيو (1555ع)، ان دور ۾ همايون ٻيهر دهليءَ جو تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ليڪن 1556ع ۾ اڪبر نئون مغل بادشاھہ بنجي ويو، جنهنڪري سلطان محمود حقيقي معنيٰ ۾ پهريون ڀيرو پريشان ٿيو.
ٺٽي جا ترخان سندس مخالف هئا. ابتدا ۾ مرزا عيسى ۽ بعد ۾ مرزا باقي هن جو مخالف رهيو. مختلف موقعن تي ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهون ٿيون، جن مان ڪي لڙايون درٻيلي وٽ ٿيون. ٻئي طرف نوجوان اڪبر مغل بادشاھہ هو، جنهن مان بہ هن کي هر وقت خطرو رهندو هو. ان حالت ۾ محمود بکري ايران جي درٻار ڏانهن مدد لاءِ واجهايو ۽ اڪبري سلطنت سان بہ تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پير حسام الدين راشديءَ تاريخ معصومي، اڪبر جي دور جي لکيل تاريخن ۽ ايراني ذريعن (ڪتابن) جي مدد سان لکيو آهي تہ: ”سلطان محمود ٻہ ڀيرا (تاريخ معصومي موجب: 1557ع ۽ 1561ع ۾) حق بردي بيگ کي ايران جي درٻار ۾ سفير ڪري موڪليو، ان وقت شاھہ طهماسپ بادشاھہ هو. ٻئي ڀيرا سفير کي عزت ۽ آبرو ملي. هڪ ڀيري محمود لاءِ ’خاني‘ خطاب، عَلم، نقاري، ڏھہ هزاري جهنڊي ۽ سروپاءِ جي نوازش ٿي. ٻئي موقعي تي بادشاھہ پاران محمود لاءِ هيرن جو هار، تاج، جڙا دارڪمر بند، قيمتي سروپاء ۽ ڇٽ وغيرہ موڪليا. اهڙيءَ ريت ايران ۽ بکر ۾ سٺا لاڳاپا برقرار رهيا. هڪ موقعي تي ايراني سفير اڪبري درٻار ۾ بہ سفارش ڪري، محمود لاءِ ’اعتبار خان‘ جو لقب حاصل ڪيو.“ محمود بکريءَ کي پٽ نہ هو. کيس هڪ نياڻي بکري بيگم نالي هئي. وفات کان ٻہ سال اڳ نياڻيءَ کي اڪبر جي نڪاح ۾ ڏنائين.
سلطان محمود بکري 1574ع ۾ وفات ڪئي. چون ٿا تہ پراڻي سکر ۾ هڪ اهڙي قبر آهي، جنهن تي ڪو ڪَتبو نہ آهي، اها قبر محمود بکريءَ جي آهي، جنهن تي اٻوجهہ ماڻهو پَڙَ وجهي مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهرندا آهن. مير معصوم بکريءَ، سلطان محمود جي شخصيت بابت راءِ ڏني آهي تہ: ”هو بھادر ۽ سخي هو. سندس مزاج ۾ تکائي غالب هئي. جڏهن ڪاوڙبو هو تہ پاڻ کي قابو نہ رکي سگهندو هو. خونريزيءَ کان نہ مڙندو هو، بلڪ ٿوريءَ ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهر ٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو.“
(تاريخ معصومي، سنڌي، ص 279-280).


لفظ سلطان محمود خان بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو