سلطان پور: سلطان پور شهر پنوعاقل تعلقي جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي. ورهاڱي کان اڳ هي وڏو شهر هو. شهر جي ڪاروبار تي هندو واپاري ڇانيل هئا. شهر ۾ وڏا دروازا هوندا هئا، جيڪي رات جو بند ڪيا ويندا هئا. هن شهر لاءِ اڪثر چيو وڃي ٿو ته مير سلطان خان ٽالپر ٻَڌايو هو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته سلطانان، حاملان ۽ برٿ نالي ٽي ڀينر هيون، جن جي پٺيان ٽي ڳوٺ برٿ، حاملا وهڻ ۽ سلطانپور ٻڌا ويا.
ورهاڱي کان اڳ هتي ويساکيءَ جو وڏو ميلو لڳندو هو. ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندو واپاري ۽ زميندار هتان هليا ويا ته شهر زوال طرف وڌيو، 1962ع کانپوءِ جڏهن قاضي واهه نڪتو ته ڳوٺ وري ترقي ڪري شهر جي صورت اختيار ڪئي. هن وقت سلطانپور ۾ بازارون به آهن ۽ عام واهپي جي هر شيءِ ملي ٿي. هتي بنيادي شهري سهولتون موجود آهن. هن شهر جي پاسي ۾ پنوعاقل فوجي ڇانوڻي آهي. سلطان پور ۾ سمائر برادريءَ جي اڪثريت آهي، جيڪي هن ئي علائقي ۾ رهن ٿا. شهر جي آسپاس چار قديم قبرستان پير ابراهيم شاهه، نول مشائخ، پير آريڌل ۽ پير عظيم شاهه آهن، جن تي ميلو لڳندو آهي. هن شهر ڪيترا اديب، شاعر، صاحب ڪتاب، اداڪار ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن ۾ علي نواز سمائر، محمد حسن وڪيل، شير محمد ’زخمي‘، علي محمد ’ساٿي‘، غلام محمد ’منصور‘، ڊاڪٽر وحيد سمائر، طارق سمائر، فياض سمائر، ياسين ڪنڀر ۽ عبدالستار سمائر شامل آهن. سلطان پور هن وقت يونين ڪائونسل، تپو، سپروائيزري سرڪل ۽ ديهه به آهي.