سلطان پور

سلطان پور: سلطان پور شھر پنوعاقل تعلقي جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي. ورهاڱي کان اڳ هي وڏو شھر هو. شھر جي ڪاروبار تي هندو واپاري ڇانيل هئا. شھر ۾ وڏا دروازا هوندا هئا، جيڪي رات جو بند ڪيا ويندا هئا. هن شھر لاءِ اڪثر چيو وڃي ٿو تہ مير سلطان خان ٽالپر ٻَڌايو هو، پر ڪن جو چوڻ آهي تہ سلطانان، حاملان ۽ برٿ نالي ٽي ڀينر هيون، جن جي پٺيان ٽي ڳوٺ برٿ، حاملا وهڻ ۽ سلطانپور ٻڌا ويا.
ورهاڱي کان اڳ هتي ويساکيءَ جو وڏو ميلو لڳندو هو. ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندو واپاري ۽ زميندار هتان هليا ويا تہ شھر زوال طرف وڌيو، 1962ع کانپوءِ جڏهن قاضي واھہ نڪتو تہ ڳوٺ وري ترقي ڪري شھر جي صورت اختيار ڪئي. هن وقت سلطانپور ۾ بازارون بہ آهن ۽ عام واهپي جي هر شيءِ ملي ٿي. هتي بنيادي شھري سهولتون موجود آهن. هن شھر جي پاسي ۾ پنوعاقل فوجي ڇانوڻي آهي. سلطان پور ۾ سمائر برادريءَ جي اڪثريت آهي، جيڪي هن ئي علائقي ۾ رهن ٿا. شھر جي آسپاس چار قديم قبرستان پير ابراهيم شاھہ، نول مشائخ، پير آريڌل ۽ پير عظيم شاھہ آهن، جن تي ميلو لڳندو آهي. هن شھر ڪيترا اديب، شاعر، صاحب ڪتاب، اداڪار ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن ۾ علي نواز سمائر، محمد حسن وڪيل، شير محمد ’زخمي‘، علي محمد ’ساٿي‘، غلام محمد ’منصور‘، ڊاڪٽر وحيد سمائر، طارق سمائر، فياض سمائر، ياسين ڪنڀر ۽ عبدالستار سمائر شامل آهن. سلطان پور هن وقت يونين ڪائونسل، تپو، سپروائيزري سرڪل ۽ ديھہ بہ آهي.


لفظ سلطان پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو