سلمان تاثير

سلمان تاثير

سلمان تاثير

سلمان تاثير: پنجاب جو اڳوڻو گورنر، سلمان تاثير، 31 مئي 1944ع تي ايم.ڊي تاثير جي گهر ۾ ڄائو. سندس ماءُ برطانوي هئي. سندس والد سٺو شاعر بہ هو. سلمان تاثير اعليٰ تعليم جي حصول بعد پنھنجي ڪيريئر جي شروعات چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي حيثيت سان ڪئي. 1967ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ولولي انگيز سياست کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. کيس صحافت جو بہ شوق رهيو، ان ڪري هڪ انگريزي اخبار بہ جاري ڪيائين. سندس شمار ملڪ جي وڏين ڪاروباري شخصيتن ۾ ٿيندو هو.
سلمان تاثير ’بزنس نيوز‘ نالي هڪ نيوز چينل کوليو هو. هي پنجاب جو ڇويهون (26) گورنر هو، جنهن منصب تي هو ٻہ سال، ست مهينا ۽ 19 ڏينهن رهيو. کيس 4 جنوري 2011ع تي اسلام آباد ۾ سندس محافظ پوليس اهلڪار ممتاز قادري برسٽ هلائي قتل ڪري وڌو. هن بيدرديءَ سان سلمان تاثير تي 27 گوليون هلايون. سلمان تاثير کي قتل ڪرڻ جو قاتل اهو ڪارڻ ڄاڻايو تہ هن هڪ عيسائي عورت آسيہ بيبي کي قانوني حق ڏيارڻ بابت بيان ڏنو هو، جنهن تي توهين رسالت جو الزام هو. سندس ان بيان کي توهين رسالت جو بيان سمجهيو ويو، جڏهن تہ سلمان تاثير هڪ سيڪيولر شخص هو، جنهن کي ڪجهہ مذهبي انتهاپسندن طرفان، سندس محافظ هٿان قتل ڪرايو ويو.


لفظ سلمان تاثيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.05.31  عيسوي

پنجاب جو اڳوڻو گورنر، سلمان تاثير، 31 مئي 1944ع تي ايم.ڊي تاثير جي گھر ۾ ڄائو.


2011.01.04  عيسوي

سلمان تاثير کي 4 جنوري 2011ع تي اسلام آباد ۾ سندس محافظ پوليس اهلڪار ممتاز قادري برسٽ هلائي قتل ڪري وڌو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حنيف رامي
علياڻي ڪبير خان
بن بلا/بن باالله
حڪيم ڌنراج
شيخ قائم خان خانبهادر
شيخ حافظ عبدالغني ڊاڪٽر
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
ڊاڪٽر ڊرئگو
بوزدار مسز راءِ ناز علي
جلال حجام سنڌي شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون