سلمان طاهر، علامہ: معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ديني ۽ عربي تعليم ٺيڙهي، سرگوڌا، راولپندي ۽ بٺوري ٽائون ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1967ع کان 1977ع تائين جماعت اسلاميءَ جو امير پڻ رهيو. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي ۽ آبادگار بورڊ ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1978ع ۾ سنڌي هجري ڪائونسل جو ڪنوينر ٿي رهيو، مختلف وقتن تي آبادگار، نئين سوچ، المسلم، الفجر، نئين قيادت، ماهوار الرحيم، ماهوار الولي، ماهوار الهدى ۽ ماهوار الحماد جو ايڊيٽر بہ ٿي رهيو. ان سان گڏ هيءُ شاھہ ولي ﷲ اڪيڊميءَ جو ڊائريڪٽر بہ ٿي رهيو، ان حوالي سان بين الاقوامي اسلامڪ سيمينار لنڊن ۾ بہ شرڪت ڪيائين. ڇھہ ڀيرا پاڪستاني وفد جي چيئرمئن جي حيثيت سان عالمي اسلامي سيمينار ۾ شريڪ ٿيو. 1998ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد عالمي سيمينار ۾ بہ شرڪت ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏنائين. هن علامہ حضرت حماد ﷲ جي خطبات ۽ ملفوظات کي پنجن جلدن ۾ قلمبند ڪيو، سندس لکيل ڪتابن ۾ ’ختم نبوت‘، ’نور الابصار‘، ’انقلاب جو نظريو ۽ جدوجھد‘، ’انقلابي شعور‘، ’محبوب ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي مجلس ۾ اسلامي رياست جو تصور‘، ’شخصيات ۽ تعليمات‘ ۽ ’اليڪشن جو ڊرامو‘ شامل آهن.
1938.07.16 عيسوي
معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.