سلمان فارسي رضه: فارس ملڪ جي جليل القدر اصحابي حضرت سلمان فارسي رضه جي ڪنيت ابو عبدالله هئي. هو ’سلطان الخير‘ جي نالي سان به مشهور هو. سندس والد زرتشتي هو ۽ آتشڪدي جو مهتمم هو. سندس قبيلي جا ماڻهو ’الخيل الابلق‘ نالي گهوڙي کي پوڄيندا هئا، پر سلمان فارسي رضه نه باهه جي پوڄا ڪئي، نه ئي هو گهوڙي جي پوڄا ۾ ويساهه رکندو هو. سندس والد زميندار به هو، ان ڪري هن سلمان جي پيار ۽ احتياط سان پالنا ڪئي. هڪ ڀيري کيس والد زمين جي سارسنڀال لاءِ موڪليو، رستي ۾ هڪ گرجا گهر هو، جتي عيسائي عبادت ڪري رهيا هئا. سلمان کي سندن عبادت جو نمونو پسند آيو ۽ گهڻيءَ دير تائين کين ڏسندو رهيو. جڏهن اهي عبادت کان فارغ ٿيا ته هن کين چيو ته آءٌ توهان جو مذهب پسند ڪريان ٿو، اوهان مون کي ان جي سکيا جو طريقو ٻڌايو. انهن کيس ٻڌايو ته شام ملڪ ۾ عيسائيت جو وڏو مرڪز آهي، هو اتي وڃي تعليم حاصل ڪري. سلمان دير سان گهر موٽيو ۽ سربستو احوال اچي پيءُ سان اوريائين. پيءُ سندس ڳالهين تي ناراض ٿيو ۽ سندس گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته عيسائين جو هڪ قافلو ملڪ شام وڃي رهيو آهي. سلمان ڪنهن طرح گهران نڪري قافلي وارن سان گڏجي شام وڃي پهتو، جتي عيسائين جي ڪيترن پادرين کان عيسائيت جي تعليم حاصل ڪيائين. کيس هر پادريءَ وٽان اهو معلوم ٿيو ته حجاز جي سرزمين تي نبي آخرالزمان اچڻو آهي، جنهن جي آمد کان پوءِ سمورا دين ختم ٿي ويندا ۽ ماڻهو ان دين جي پيروي ڪندا. آخري راهب کان اها ڳالهه ٻڌي، سلمان حجاز جي سفر جو ارادو ڪيو. کيس ان سفر ۾ ڪافي تڪليفون آيون. ڌاڙايلن جي ور چڙهيو، وڪرو ٿي هڪ غلام جي حيثيت ۾ وڃي حجاز جي سرزمين تي پهتو، اتي هر کليل چهري واري ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اصحابن کي غور سان ڏسندو هو. آخرڪار سلمان، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن وٽ اچي پهتو. ٻڌايل نشانين مطابق هن سندن خدمت ۾ صدقي طور ڪجهه کارڪون پيش ڪيون. پاڻ ڪريمن اهي پنهنجي ساٿين ۾ ورهائي ڇڏيون ۽ پاڻ نه کاڌيون. سلمان کي نبوت جي هڪ نشاني درست معلوم ٿي، وري ٻئي ڀيري خدمت ۾ حاضر ٿي ڪجهه کارڪون هديو پيش ڪيائين ته پاڻ ڪريمن انهن مان ڪجهه کاڌيون ۽ ٻيون دوستن کي ورهائي ڏنيون. سلمان لاءِ نبوت جي ٻي نشاني به سچ ثابت ٿي. سلمان نبوت جي ٽين نشاني ’مهر نبوت‘ ڏسڻ لاءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي اڳيان پويان ڦيرا ڏيڻ لڳو ته پاڻ سڳورن پنهنجو ڪڙتو مبارڪ ڪلهن تان هٽائي فرمايو ”اي سلمان! ڏس ۽ پڪ ڪر!“، سلمان کي ’مهر نبوت‘ ڏسي پورو يقين آيو ۽ سندن هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو. ان کانپوءِ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، سلمان کي سندس مالڪ يهوديءَ جا مطالبا مڃي کيس غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ سلمان اصحاب صُفه سان رهڻ لڳو. پاڻ سڳورا حضرت سلمانرضه کي تمام گهڻو ڀائيندا ۽ اهميت ڏيندا هئا. خندق واري مشهور غزوه (جنگ) ۾ ڪافرن جي لشڪر جي حملي کان بچاءَ لاءِ حضرت سلمان فارسي رضه جي مشوري سان خندق (کاهي) کوٽي وئي ۽ مسلمانن ڪنهن نقصان کان سواءِ ڪافرن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ سوڀ حاصل ٿي. حضرت عمر فاروق رضه پنهنجي دؤر خلافت ۾ حضرت حذيفه بن يمانرضه کانپوءِ حضرت سلمان رضه کي ’مدائن‘ جو گورنر مقرر ڪيو. هن حضرت عثمان رضه جي خلافت واري دؤر ۾ مدائن ۾ ئي وفات ڪئي.