سلهريا

سلهريا (ذات): سلهريا قبيلي جو تعلق راجپوتن جي هڪ وڏي شاخ چندر ونسيءَ سان آهي، جنهن کي ’سوم ونس‘ بہ چوندا آهن. هن قبيلي جو ذڪر تاريخي ڪتابن، خاص ڪري ’تواريخ راجپوتان ملڪ پنجاب‘، ’تواريخ اقوام ڪشمير‘ وغيرہ ۾ ملي ٿو. ٺاڪر ڪاهن سنگهہ بلاوريه جي ڪتاب ’تاريخ راجپوتان‘ جلد پهرئين ۾ سلهريا قبيلي جي باري ۾ ڄاڻايل آهي تہ ’رياست ڄمونءَ ۾ سلهريائي گهڻي تعداد ۾ آباد آهن، جيڪي ڪيترن ڳوٺن جا مالڪ، نمبردار ۽ ذيلدار آهن. ڄمون جي علائقي ’سلهر‘ وانگر پنجاب جي ضلعن گوداسپور ۽ سيالڪوٽ جي علائقي لسهر ۾ بہ هن قبيلي جي ڪافي آبادي آهي. لاهور شھر ۾ بہ شهرين جي واضح اڪثريت آهي. سلهريا ذات وارا بھلول لوڌيءَ جي اثر هيٺ مسلمان ٿيل چيا وڃن ٿا. هن وقت پاڻ کي منهاس، ٺاڪر، ڀٽي ۽ ڀاگڙ (ڀاگڙي) بہ سڏائين ٿا.


لفظ سلهرياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو