سلوڪ: ’سلوڪ‘ کي سنسڪرت ۾ ’اشلوڪ‘ چيو وڃي ٿو. جنهن جي معنيٰ ’ڪهت، ڪهاوت، چوڻي، ڀڄن، واڻي‘ ورتي وڃي ٿي. جامع سنڌي لغات ۾ آهي ته ’سلوڪ‘ جي معنيٰ سنسڪرت جي اشلوڪ سان نسبت رکي ٿي. سنڌيءَ ۾ سلوڪ سامي چين راءِ لنڊ جي ويدانت جي موضوع تي چيل بيتن کي سڏيو ويو آهي. هندو ڌرم جي قديم ڪتابن: ويدن، اپنشدن، مهاڀارت ۽ رامائڻ وغيره ۾ موجود رزميه داستانن جي شاعري ڇند وديا تي آڌارت آهي. انهن ڇندن، دوهن ۽ سورٺن کي ’اشلوڪ‘ سڏيو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي شاعري بيتن ۽ واين تي مشتل آهي. سلوڪ جي هيئت ۽ فني لوازمات سنڌي بيت جهڙا آهن، پر فڪري طور ويدن تي آڌاريل هئڻ ڪري، ساميءَ جي شاعريءَ کي ’سلوڪ‘ چيو وڃي ٿو. ’سامي‘ چين راءِ لنڊ کي سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جي ٽمورتي ۾ شاهه ۽ سچل کانپوءِ وڏي ڪويءَ جي حيثيت حاصل آهي. سامي، اصل شڪارپور جو رهاڪو هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ هن ويراڳ ورتو ۽ بهاولپور جي هڪ الله لوڪ سنت سوامي مينگھراج کي گرو ڪيائين. انهيءَ سنت جي توسط سان کيس ويدانت ۽ سنسڪرت جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ ’سامي‘ تخلص استعمال ڪيائين. ساميءَ جو هڪ سلوڪ نموني طور پيش ڪجي ٿو:
هيرو جنم نه هار، مورک من جي پاءِ تون،
ملي ساڌ سنگت سان، اوديا ڀرم نوار،
پنهنجو پاڻ سنڀار، ته سکي ٿئين سامي چئي.
جديد سنڌي شاعرن مان شيخ اياز ’سلوڪ‘ چئي ساميءَ کي ڀيٽا ڏني آهي.