سليمان تاجر: سليمان تاجر ٽين هجري صدي/نائين عيسويءَ صديءَ ۾ مشھور عرب سياح ٿي گذريو آهي. هو هڪ عرب واپاري هو، جيڪو عراق جي بندرگاھہ بصره کان چين تائين واپار لاءِ ويندو هو. پوءِ هن هند ۽ سنڌ جي سڄي سامونڊي ڪناري جو واپار ڪندي سير ڪيو. هن گهمندي ڦرندي پنهنجو سفرنامو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو 237ھہ/851ع ۾ پورو ڪيائين. سندس سفرنامو ’سلسله التواريخ‘ جي نالي سان 1811ع ۾ پهريون دفعو فرينچ ترجمي سان پيرس مان ڇپيو، جنهن جو تنقيدي مقدمو فرانسيسي عالم رينو لکيو هو. سليمان تاجر جو سفرنامو ذاتي مشاهدي ۽ پروڙ جو نتيجو آهي، جنهن کي وڏي تاريخي اهميت حاصل آهي. هن پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌ ۽ هند جي تھذيب ۽ تمدن، سياست ۽ معاشرت، راجائن ۽ حڪمرانن بابت ڏٺل ۽ ٻڌل حقيقتون بيان ڪيون آهن ۽ ان سان گڏ سنڌ ۽ هند جي سماجي، اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ڀيٽ ڪري سنڌ ۽ هند بابت خوب لکيو آهي. هن لکيو آهي تہ: ”اهل هند ۽ اهل چين جو گڏيل بيان آهي تہ دنيا ۾ فقط چار بادشاھہ آهن. سڀ کان پهرين عرب جو بادشاھہ، جيڪو ٻين بادشاهن جو بادشاھہ آهي، ان کانپوءِ چين جو بادشاھہ، تنهن کانپوءِ روم جو بادشاھہ ۽ چوٿون هندستان جو راجا بلهرا ج آهي. ان کانپوءِ هن هند ۽ سنڌ جي ڪناري جي چئن بادشاهن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ پهريون راجا بلهراج آهي، جيڪو سڀني راجائن جو بادشاھہ آهي. جنهن جي فوج جو نمونو عربن جي فوج وانگر آهي. ٻيو گجرات جو بادشاھہ راجا گجر آهي، جنهن جو ملڪ سمنڊ جي ساڄي پاسي آهي. هن وٽ چوپايو مال، تمام گهڻو آهي ۽ هن جا گهوڙا تمام مشھور آهن. ٽيون طافن جو راجا آهي، جيڪو تمام گهڻو صلح پسند آهي، چوٿون رهمي جو راجا آهي، جنهن وٽ تمام گهڻي فوج آهي ۽ پنجاھہ هزار هاٿي آهن.
هن تجارت ۽ سامونڊي رستن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ هندستان سامان کڻي وڃڻ لاءِ مسقط جو سامونڊي رستو اختيار ڪرڻو پوي ٿو. هو جهازن جي حوالي سان لکي ٿو تہ يورپي جهازن جا تختا لوهي ڪلين سان جوڙيا ويندا هئا ۽ هندي سمنڊ وارن جهازن جا تختا ڏورين سان ڳنڍيا ويندا هئا. سامونڊي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ” اهو سمنڊ، جيڪو هندستان، چين ۽ سرانديپ جي وچ ۾ آهي، ان ۾ وڏيون وڏيون مڇيون هونديون آهن. رات جو جڏهن ان سمنڊ ۾ جھاز هلن ٿا. تڏهن گهنڊ وڄائين ٿا، جيئن مڇيون جھاز جي رستي کان پري هٽي وڃن. هن پنھنجي اکين ڏٺو احوال بيان ڪندي لکيو آهي تہ اسان هڪ ويهن هڏن واري مڇي ماري جنهن کي وهيل مڇي چيو وڃي ٿو، هو هتان جي تجارتي شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”هتي عنبر ۽ ناريل عام آهن، هتي سوٽي ڪپڙو تمام سٺو ٺھي ٿو، جيڪو ٻئي ڪنهن بہ هنڌ نہ ٿو ملي، هتان جي ٻيٽن ۾ سون، ياقوت، سمنڊ مان موتي ۽ سنک ملن ٿا.
سنڌ جي تاريخي، ڪپڙي ململ جي گهڻي ساراھہ ڪئي آهي. هو لکي ٿو تہ: سنڌ جا عرب واپاري گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا. سڱن جي صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هوندي هئي. چيني سڱن تي تصويرون ڪڍندا هئا ۽ ڪي ڪاريگر سڱن مان تصويرون ٺاهيندا هئا. سنڌ جون ڪاٺ ۽ چمڙي جون ٺهيل پيتيون ٻاهر وڪرو ٿينديون هيون. جيڪي تمام خوبصورت هونديون هيون. سنڌ جي رسمن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”شادين ۾ سوکڙيون موڪلي ڏيندا هئا ۽ گهڻي خوشي ڪندا هئا.“ نياڻين کي ڌن دولت جام ڏيندا هئا. هو لکي ٿو تہ سنڌي عورت سان بدڪاري ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ سخت سزا ڏيندا هئا. اگر عورت ۽ مرد ٻئي ڏوھہ ۾ ملوث آهن تہ ٻنهي کي قتل ڪندا هئا ۽ اگر مرد ملوث نڪتو تہ ان کي قتل ڪيو ويندو هو. چوري جهيڙي يا ڪنهن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ يا مال ڦٻائڻ واري کي بہ سخت سزا ڏني ويندي هئي. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ: هتان جي ڪن ماڻهن کي ٽي هٿ ڊگهيون ڏاڙهيون پڻ هونديون هيون. ڪنهن مائٽ جي مري وڃڻ تي ويجها مائٽ مڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي ڇڏيندا هئا. هتان جا ماڻهو ڏندڻ ڏيڻ کان سواءِ ماني نہ کائيندا هئا. چانور خاص خوراڪ هوندي هئي. مرد ۽ عورتون سون ۽ جواهر جا زيور پائيندا هئا. مردن جا لاش جلايا ويندا هئا، صندل، ڪافور ۽ زعفران لاش تي وجهندا هئا ۽ خاڪ کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيندا هئا. اگر ڪو راجا مرندو هو تہ ان جون راڻيون پاڻ کي ماري ڇڏينديون هيون. هن جوڳين ۽ تارڪ الدنيا ماڻهن بابت لکيو آهي تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو پڻ هوندا هئا، جيڪي جبلن ۽ جهنگن ۾ گهمندا رهندا هئا، بک ۾ گاھہ، پن يا جهنگ جا ميوا کائيندا هئا. سليمان تاجر جو لکيل سفرنامو ’سلسلهء التواريخ‘ تمام گهڻو مشھور آهي.