سليمان خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>سليمان خان ٽالپر خيرپور رياست جي باني مير سهراب خان ٽالپر جو ٽيون نمبر ڀاءُ هو. هي پنھنجي وقت جي اميرن مان هڪ هو. هي وڏو دورانديش ۽ هر دلعزيز انسان هو. مير سليمان خان ڪلهوڙن خلاف هالاڻيءَ واري جنگ ۾ شامل هو پر اڳتي هلي هو الڳ ٿي ويو. هن کي چار پٽ هر هڪ مير محمد خان، مير غلام شاھہ خان، مير حيدر خان ۽ مير علي مراد خان نالي ٿيا، جن مان مير محمد خان کانسوءِ باقي سڀ بي اولاد مري ويا. مير محمد خان کي مير ﷲ ڏني نالي هڪ پٽ هو، جنهن جو اولاد اڄ تائين راهوجن جي ڳوٺ ۾ آهي.
مير سليمان خان 1256ھہ/1840ع ۾ وفات ڪئي.