
سليمان راڄ خليفو
سليمان راڄڙ، خليفو: سنڌ جي مقبول ملھہ پهلوان خليفي سليمان راڄڙ، 19 جون 1929ع تي ڳوٺ ڊيٻي، ضلعي عمر ڪوٽ ۾، خليفي حاجي عبدالله فقير راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جا والدين مالوند هئا. تعليم جو رجحان گهٽ هئڻ ۽ اسڪول جي اڻهوند سبب سليمان راڄڙ تعليم پرائي نہ سگهيو ۽ ننڍپڻ کان ئي مال چارڻ لڳو. هن وٽ مينهن جو ڌڻ هوندو هو، مال چارڻ دوران هو ڌنارن سان گڏ ملھہ، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهوٽي، ٻيلهاڙو ۽ ٻيون رانديون ڪندو هو. هڪ ڌنار ’عليو نهڙي‘ ملھہ جو ڄاڻو هو، جنهن سان سليمان راڄڙ جو مقابلو ٿيو ۽ علي راڄڙ کي ملھہ ماري وڌي. هڪ ڀيري صوفي صادق فقير جي سالياني ميلي ۾ سليمان راڄڙ دوستن سان گڏ ملاکڙو ڏسڻ ويو تہ جتي عليي نهڙي جي چرچ تي پهلوان ٻڍي مڱڻهار کيس ملاکڙي ۾ لاٿو، ان وقت سندس عمر 15 سال هئي. هن ٻڍي مڱڻهار، الهورايي هلائي ۽ ولو شيديءَ سميت 6 پهلوانن کي ملھہ ماري ميدان کٽيو. ان کانپوءِ هن پهلوان حبيب خاصخيليءَ کان باقاعدي ملھہ جي سکيا ورتي، علي خان ڪهيريءَ کان بہ سکيا ورتائين. ٻنهي استادن کان ملھہ جا انگ سکي، جانٺي ۽ واري ۾ نالو ڪڍيائين. گڏوگڏ اندرين، ٻلهڻ، پٺو، اڌڪ ۽ ٻيا ڪيترا ملھہ جا انگ بہ سکيو. والدين سندس شوق جو قدر ڪندا هئا.
سليمان راڄڙ ٽي سال ٽئين جوڙ ۾ وڙهيو ۽ 100 کن ملھہ پهلوانن سان مقابلو ڪيائين. 14 آگسٽ 1948ع تي ڍوري ناري ۾ ’جشن پاڪستان‘ نالي ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن مشھور پهلوان محمد علي ماڇيءَ جي پٽن: لوٽُو ماڇيءَ ۽ سندس ڀاءُ کي ملھہ ماري. ملاکڙي ۾ ٽئي ڏينهن هن جا مختلف ملهن سان مقابلا ٿيا، پر سوڀارو رهيو. ٽئين جوڙ کانپوءِ ٻئي جوڙ ۾ ٻہ سال ملھہ وڙهيو. هڪ ڀيري صوفي صادق جي ميلي ۾ ملاکڙي دوران صوفي عبدالستار جي چوڻ تي پهرئين جوڙ جي ملھہ شفيع محمد سان مقابلو ڪري، ميدان ملهايائين ۽ پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿي ويو. هٿونگي جي ملاکڙي ۾ سڀني پهلوانن کي چئلينج ڪندڙ ساجن بگٽيءَ کي سليمان راڄڙ ٻئي ملهون ماري ميدان کٽيو. هن ٿر جي مشھور پهلوان عالم چني سميت سنڌ جي ٻين نام ڪٺين ملهن کي شڪست ڏني. کيس پهريون ڀيرو سوڍي خاصخيليءَ صوفي فقير جي ملاکڙي ۾ ملھہ ماري.
سليمان راڄڙ ڀٽ شاھہ، سمن سرڪار، غلام شاھہ، پير پٿوري، شو مندر، عيسن شاھہ، ميين جان محمد، گجوراڻي، صوفي فقير، لشڪر شاھہ ۽ ٻين وڏن ملاکڙن ۾ هميشہ سوڀ حاصل ڪئي.
پيءُ جي وفات کانپوءِ سليمان راڄڙ، درگاھہ روضي ڌڻيءَ جو خليفو مقرر ٿيو. 1965ع واري هند- پاڪ جنگ ۾ سليمان راڄڙ مجاهد فورس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ فقير محمد امين مڱريي شھيد جي ڪمان ۾ پيرائو واري سرحد تي ڀارتي فوج سان مهاڏو اٽڪايائين.
سليمان راڄڙ جي پهلوانيءَ جي هاڪ سنڌ کان ٻاهر راجسٿان واري علائقي تائين وڃي پهتي، جتي کيس ’سليمان ملھہ‘ طور سڃاتو ويندو هو. خليفي سليمان، فقير مگهن مڱريي جي پيءُ ۽ حر جماعت جي مکيہ اڳواڻ فقير ترڪيي مڱريي کي ملھہ جي سکيا ڏني. جماعتي ۽ زمينداري سرگرمين سبب سليمان راڄڙ 1970ع ڌاري ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني.
کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي ۽ هن وقت 85 سالن جي ڄمار ۾، صوفي فقير ڀرسان پنھنجي نالي سان قائم ڳوٺ ۾ زمينداري ڪري ٿو ۽ اڄ بہ ملھہ پهلوانن جو قدردان آهي.
1929.06.19 عيسوي
سنڌ جي مقبول ملهه پهلوان خليفي سليمان راڄڙ، 19 جون 1929ع تي ڳوٺ ڊيٻي، ضلعي عمر ڪوٽ ۾، خليفي حاجي عبدالله فقير راڄڙ جي گھر ۾ جنم ورتو.