سليمان عليه السلام

سليمان عليه السلام: حضرت سليمان عليه السلام هڪ مشهور پيغمبر هو، پاڻ حضرت دائود عليه السلام کانپوءِ بادشاهه بڻيو ۽ بني اسرائيلين تي حڪومت ڪيائين. حضرت سليمان عليه السلام جو قرآن شريف ۾ ڪيترين سورتن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن: سورة البقرة، النساءِ، الانعام، الانبياءِ، النمل، صبا ۽ ص. حضرت سليمان عليه السلام بني اسرائيل جي دشمنن کي جلدي هيسائي هڪ وڏي حڪومت قائم ڪري ورتي. جنهن هيڪل کي حضرت دائود عليه السلام اڌورو ڇڏي ويا هئا، ان جي تعمير حضرت سليمان عليه السلام پاڻ مڪمل ڪرائي. پاڻ علم، حڪمت، فهم ۽ فراست ۾ تمام وڏو مقام رکندو هو. مقدمن جي فيصلن ۾ سندس مقابلو ڪو به نه ڪري سگھندو هو. مـلـڪ جـا سـمـورا مـعـامـلا ۽ فيصلا توريت جي شريعت مطابق ٿيندا هئا. قرآن مجيد ۾ سندس درجو انبياءَ جي شان مطابق ٻڌايو ويو آهي.قرآن مجيد ۾ سندس ڪجھه خاصيتن جو ذڪر ڪجھه هن طرح سان آيل آهي: ”اسان هوا کي سليمان عه جي تابع ڪري ڇڏيو، جو ان جي صبح جي منزل مهيني ڀر جو رستو ۽ پڻ شام جي منزل مهيني تائين جو رستو هوندي هئي ۽ ان جي لاءِ پگھريل ٽامي جو چشمو جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي سانچن ۾ وجھي جن وڏا وڏا ٿانو (ديڳيون، ٿالهه، شمعدان وغيره) ٺاهيندا هئا“ (الانبياءَ 12-13). هن د‍ؤر ۾ ايلات جي بندرگاهه جي اوسي پاسي ۾ انهن بٺين جا نشان لڌا ويا آهن. حضرت سليمانعه بابت قرآن مجيد ۾ هي ذڪر پڻ آيو آهي ته ان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان تي خدا پاڪ جون نعمتون ڳڻيندي چيو هو ته: ”کيس جانورن جون ٻوليون سمجھايون ويون هيون.“ حضرت دائود عليه السلام ڪجھه فيصلا سندس مشوري سان پڻ ڪيا. حضرت سليمان عليه السلام چاليهه سال حڪومت ڪئي.
جڏهن حضرت سليمان عليه السلام کي هدهد پکيءَ جي ذريعي هن ڳالهه جي خبر پئي ته ملڪه سبا وٽس اچي رهي آهي ته کيس خواهش ٿي ته ان جي پهچڻ کان اڳ ۾ ان جو تخت هتي پهچي. تڏهن هڪ وڏي جن کيس چيو ته: ”توهان جي اٿڻ کان اڳ ۾ تخت کڻي ايندس.“ پر هڪ ٻيو شخص جيڪو ڪتاب جي علم جو ڄاڻو هو، چوڻ لڳو ته: ”آءٌ اک ڇنڀ ۾ کڻي حاضر ڪندس.“ پاڻ ان کي اجازت ڏنائون ۽ اک ڇنڀ م تخت پنهنجي سامهون ڏٺائون ۽ الله پاڪ جو شڪر بجا آڻيندي فرمايائون ته: ”احسان ان پاڪ ذات جا، جنهن مون کي اهڙو اقتدار عطا ڪيو“
(سورة النمل 38 کان 41). مفسر هن واقعي کي وڏو معجزو چون ٿا. جنن جي مخلوق حضرت سليمان جي تابع هوندي هئي ۽ جن سندس ڪيترائي حڪم بجا آڻيندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ’سورة سبا‘ ۽ ’سورة ص‘ ۾ آيو آهي. ڪوبه جن فطري طرح سرڪش هجڻ جي باوجود سندس فرمان جي نافرماني نه ڪري سگھندو هو. حضرت سليمان عليه السلام جي وفات 53 سالن جي عمر ۾ ٿي، پر ڪجھه روايتن ۾ سندس عمر 62 سال پڻ ٻڌايل آهي. سندس وفات جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ هن طرح آيل آهي ته: ”پاڻ هڪ هيڪل تعمير ڪرائي رهيو هو. سندس معمول هو ته پاڻ لٺ تي ٽيڪ ڏئي بيهي الله پاڪ جي عبادت ڪندو هو. اهڙي طرح ٽيڪ جي صورت ۾ سندس انتقال ٿي ويو، پر سندس جسم مبارڪ لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو رهيو. جنهنڪري هيڪل جي تعمير جو ڪم تيزيءَ سان جاري رهيو. جيڪڏهن جنن کي سندس وفات جي خبر پوي ها ته جيڪر اهي هيڪل جي تعمير جو ڪم ڇڏي ڀڄي وڃن ها. ڇاڪاڻ ته جن فقط حضرت سليمان عليه السلام جو حڪم مڃيندا هئا، پر سندن وفات جي خبر جنن کي ڪونه پئي. ڪيترن مهينن گذرڻ کانپوءِ سندس لٺ کي اڏوهيءَ کائي کوکلو ڪري ڇڏيو ۽ ٽيڪ ختم ٿيڻ سبب پاڻ زمين بوس ٿيو. تڏهن وڃي ماڻهن کي خبر پئي ته پاڻ وفات ڪري ويو آهي. هن واقعي کانپوءِ جنن هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ته هو غيب جو علم نه ٿا ڄاڻن.


لفظ سليمان عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو