سليمان عليہ السلام: حضرت سليمان عليہ السلام هڪ مشھور پيغمبر هو، پاڻ حضرت دائود عليہ السلام کانپوءِ بادشاھہ بڻيو ۽ بني اسرائيلين تي حڪومت ڪيائين. حضرت سليمان عليہ السلام جو قرآن شريف ۾ ڪيترين سورتن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن: سورة البقرة، النساءِ، الانعام، الانبياءِ، النمل، صبا ۽ ص. حضرت سليمان عليہ السلام بني اسرائيل جي دشمنن کي جلدي هيسائي هڪ وڏي حڪومت قائم ڪري ورتي. جنهن هيڪل کي حضرت دائود عليہ السلام اڌورو ڇڏي ويا هئا، ان جي تعمير حضرت سليمان عليہ السلام پاڻ مڪمل ڪرائي. پاڻ علم، حڪمت، فھم ۽ فراست ۾ تمام وڏو مقام رکندو هو. مقدمن جي فيصلن ۾ سندس مقابلو ڪو بہ نہ ڪري سگهندو هو. مـلـڪ جـا سـمـورا مـعـامـلا ۽ فيصلا توريت جي شريعت مطابق ٿيندا هئا. قرآن مجيد ۾ سندس درجو انبياءَ جي شان مطابق ٻڌايو ويو آهي.قرآن مجيد ۾ سندس ڪجهه خاصيتن جو ذڪر ڪجهه هن طرح سان آيل آهي: ”اسان هوا کي سليمان عه جي تابع ڪري ڇڏيو، جو ان جي صبح جي منزل مهيني ڀر جو رستو ۽ پڻ شام جي منزل مهيني تائين جو رستو هوندي هئي ۽ ان جي لاءِ پگهريل ٽامي جو چشمو جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي سانچن ۾ وجهي جن وڏا وڏا ٿانو (ديڳيون، ٿالھہ، شمعدان وغيرہ) ٺاهيندا هئا“ (الانبياءَ 12-13). هن دؤر ۾ ايلات جي بندرگاھہ جي اوسي پاسي ۾ انهن بٺين جا نشان لڌا ويا آهن. حضرت سليمانعه بابت قرآن مجيد ۾ هي ذڪر پڻ آيو آهي تہ ان پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان تي خدا پاڪ جون نعمتون ڳڻيندي چيو هو تہ: ”کيس جانورن جون ٻوليون سمجهايون ويون هيون.“ حضرت دائود عليہ السلام ڪجهه فيصلا سندس مشوري سان پڻ ڪيا. حضرت سليمان عليہ السلام چاليھہ سال حڪومت ڪئي.
جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام کي هدهد پکيءَ جي ذريعي هن ڳالھہ جي خبر پئي تہ ملڪہ سبا وٽس اچي رهي آهي تہ کيس خواهش ٿي تہ ان جي پهچڻ کان اڳ ۾ ان جو تخت هتي پهچي. تڏهن هڪ وڏي جن کيس چيو تہ: ”توهان جي اٿڻ کان اڳ ۾ تخت کڻي ايندس.“ پر هڪ ٻيو شخص جيڪو ڪتاب جي علم جو ڄاڻو هو، چوڻ لڳو تہ: ”آءٌ اک ڇنڀ ۾ کڻي حاضر ڪندس.“ پاڻ ان کي اجازت ڏنائون ۽ اک ڇنڀ م تخت پنھنجي سامهون ڏٺائون ۽ ﷲ پاڪ جو شڪر بجا آڻيندي فرمايائون تہ: ”احسان ان پاڪ ذات جا، جنهن مون کي اهڙو اقتدار عطا ڪيو“
(سورة النمل 38 کان 41). مفسر هن واقعي کي وڏو معجزو چون ٿا. جنن جي مخلوق حضرت سليمان جي تابع هوندي هئي ۽ جن سندس ڪيترائي حڪم بجا آڻيندا هئا. انهيءَ ڳالھہ جو ذڪر ’سورة سبا‘ ۽ ’سورة ص‘ ۾ آيو آهي. ڪوبه جن فطري طرح سرڪش هجڻ جي باوجود سندس فرمان جي نافرماني نہ ڪري سگهندو هو. حضرت سليمان عليہ السلام جي وفات 53 سالن جي عمر ۾ ٿي، پر ڪجهه روايتن ۾ سندس عمر 62 سال پڻ ٻڌايل آهي. سندس وفات جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ هن طرح آيل آهي تہ: ”پاڻ هڪ هيڪل تعمير ڪرائي رهيو هو. سندس معمول هو تہ پاڻ لٺ تي ٽيڪ ڏئي بيهي ﷲ پاڪ جي عبادت ڪندو هو. اهڙي طرح ٽيڪ جي صورت ۾ سندس انتقال ٿي ويو، پر سندس جسم مبارڪ لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو رهيو. جنهنڪري هيڪل جي تعمير جو ڪم تيزيءَ سان جاري رهيو. جيڪڏهن جنن کي سندس وفات جي خبر پوي ها تہ جيڪر اهي هيڪل جي تعمير جو ڪم ڇڏي ڀڄي وڃن ها. ڇاڪاڻ تہ جن فقط حضرت سليمان عليہ السلام جو حڪم مڃيندا هئا، پر سندن وفات جي خبر جنن کي ڪونه پئي. ڪيترن مهينن گذرڻ کانپوءِ سندس لٺ کي اڏوهيءَ کائي کوکلو ڪري ڇڏيو ۽ ٽيڪ ختم ٿيڻ سبب پاڻ زمين بوس ٿيو. تڏهن وڃي ماڻهن کي خبر پئي تہ پاڻ وفات ڪري ويو آهي. هن واقعي کانپوءِ جنن هن ڳالھہ جو اقرار ڪيو تہ هو غيب جو علم نہ ٿا ڄاڻن.