سليمان هندي فقير: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پنھنجي ڪتاب ’صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ لکي ٿو تہ خليفو سليمان هندي فقيرن جو اڳواڻ هو، جيڪي پنج سو هندي فقير جٿي جي صورت ۾ سندس اڳواڻيءَ ۾ صوفي شاھہ عنايت وٽ ميرانپور ۾ آيا هئا. سڀئي هندي فقير هن بزرگ جي اڳواڻيءَ ۾ رهندا هئا. انيس السالڪين جو صاحب لکي ٿو تہ هي بزرگ اهڙو تہ مجاهديءَ جو صاحب هو، جو هڪ هنڌ واريءَ تي وڃي ويهندو هو تہ واري مٿانئس وسي دڙا ٿي ويندي هئي. هي خليفو آخر پنھنجي ٻين فقيرن سان گڏ 1130 ھہ/ 1717ع ۾ شھيد ٿيو.