سليمت هاليپوٽو

سليمت هاليپوٽو: مائي سليمت هاليپوٽو، اٽڪل 80 ورهيہ اڳ ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ تڳوسر ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو عبدالرئوف هاليپوٽو هو. مائي سليمت چوپائي مال جي ڏاهپ ۾ ٿر جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ماهر طور سڃاتي وڃي ٿي. هوءَ ڪنهن يونيورسٽيءَ جي تعليم يافتہ هجڻ جي شرف کان محروم هئڻ باوجود چوپائي مال جي سمورين بيمارين جي تشخيص ۽ علاج ڪري ٿي ۽ سڄي ٿر جا مالدار ماڻهو پنهنجو اگهو مال کيس ڏيکارڻ لاءِ ڪوهن تان ڪاهي تڳوسر اچن ٿا. هن ڏاهيءَ مائيءَ کي اها وڄا سندس چاچي مهراڻ کان ملي. هن پنھنجي سڄي حياتي هن فن کي ارپي ڇڏي آهي. انهن خدمتن جي مڃتا طور، 1985ع ۾ اُن وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاھہ کيس سندس اعليٰ ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور اوارڊ ڏنو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو