سليم سھتو پروفيسر

سليم سهتو، پروفيسر: پروفيسر سليم سھتو ولد محمد صفر سهتو، 13 جولاءِ 1954ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پهرئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين تعليم سنڌ جي مشھور تعليمي اداري اين. جي. وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڊي. جي سائنس ڪاليج مان انٽر سائنس، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌي مضمون ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. هن 1975ع کان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو. سندس مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري ٽماهي مهراڻ، عبرت مئگزين، اديون، هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي ۽ ماهوار ‘نئين زندگي ’ رسالي ۾شايع ٿيندي رهي. ٻارن جي رسالي ‘گل ڦل’ ۾ سندس ڪيتريون ڪهاڻيون وڏي تعداد ۾ ڇپيل آهن، جن مان گهڻيون ڪهاڻيون چيني، جپاني ۽ روسي ادب جو ترجمو ڪيل آهن. هن Alice in Wonder Land ناول کي ‘خوابن جو سير’ نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو ٻارن ۾ گهڻو مقبول ٿيو، ان جون ٻارنهن قسطون ماهوار گل ڦل رسالي ۾ ڇپيون. پروفيسر سليم سهتي جو ناوليٽ جي صورت ۾ لکيل ڪتاب ‘ٻہ اکر’ کي بہ وڏي مقبوليت حاصل رهي. اهو ڪتاب آئيل ڪمپنيءَ برٽش پيٽروليم پاڪستان پنجاھہ هزار جي تعداد ۾ ڇپرائي، سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن ۾ ورهايو. ان جون آڊيو ڪيسٽون بہ ٺهرايون ويون. هن ڪتاب ۾ ٻارن کي رستي تي هلڻ جا اصول هڪ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيل آهن.
پروفيسر سليم سھتو ٽيهن سالن تائين سنڌ جي مشھور تعليمي اداري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس تعليمي خدمتن عيوض ‘بھترين استاداوارڊ’ ڏنو ويو، تنهن کان سواءِ تعريفي سند ۽ نقد رقم انعام ۾ ڏنيون ويون. هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آهي. هو ادبي حلقي ۾ برجستجو تخليقڪار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس لکيل ٽيڙو ۽ نثري نظم مشھور ٿيا. پروفيسر سليم سھتو اين. جي. وي اولڊ بوائز تنظيم جو صدر بہ رهي چڪو آهي. سندس ڪيل ڪوششن ۽ ساٿين جي مدد سان اسڪول کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو.
هي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي سالياني مخزن ‘دي ڪيڊٽ’ جو گذريل ويهن سالن کان سنڌي ڀاڱي جو نگران رهيو . ان مخزن ۾ سندس ڇپيل مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڪتابي صورت ۾ ڇپجي رهيون آهن. هي ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ‘بزم طلبه’ جو 1977ع کان 1983ع تائين ڪمپيئر رهيو. جتي کيس تعريفي سند سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ ٽي. وي جي مشھور پروگرام ‘پرک’ ۾ اعجاز عليم عقيليءَ جي مددگار طور ڪم ڪري چڪو آهي. سندس اهم ڪارنامو پهريون سنڌي اسٽيج ڊرامو پيش ڪرڻ آهي، جيڪو هن الطاف سومري، اعجاز عليم عقيلي ۽ ٽي. وي ريڊيو جي مشھور اداڪارن ۽ صداڪارن سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو هو. هي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان تازو رٽائر ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.13  عيسوي

پروفيسر سليم سهتو ولد محمد صفر سهتو، 13 جولاءِ 1954ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي سيد بدرالدّجيٰ شاھہ
اين جي مجمدار
سندر حشمتراءِ نيڀواڻي
انور بلوچ2
انور الدين جتوئي
عبدالقادر محمد حسين
جتوئي غلام رسول خان
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
جنيد بن عبدالرحمان
عاشق حسين پاٽولي استاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون