
سليم ميمڻ، پروفيسر
سليم ميمڻ، پروفيسر: نامياري ليکڪ، نيوزڪاسٽر ۽ ڪمپيئر، پروفيسر سليم ميمڻ 29 مئي 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ عبدالقادر ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول (1966ع)، ايم. اي (سنڌي) 1972ع ڌاري ۽ ايل. ايل. بي 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سليم ميمڻ، مارچ 1973ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ مختلف عهدا ماڻيندو، مئي 2010ع ۾ پروفيسر، ڊائريڪٽر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ سوشل سائنسز، سيڪريٽري الحاق ڪاميٽي ۽ ڊائريڪٽر فور ايئر بي. ايس. پروگرام جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. هن وقت بہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. يونيورسٽي جي چاليهن سالن واري عرصي ۾ سندس بھترين انتظامي صلاحيتن سبب کيس هميشہ واڌو انتظامي ذميواريون ڏنيون ويون. هي ڏهن سالن تائين سيميسٽر امتحانن جو ڪنٽرولر، چئن سالن تائين الحاق ڪاميٽي جو سيڪريٽري، چئن سالن تائين بي. ايس. پروگرام جو ڊائريڪٽر رهيو. يونيورسٽيءَ جي مختلف باڊين تي ميمبر رهيو. 1970ع کان فني زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪيائين. 1973ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن تان خبرون پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ 2010ع تائين پاڪستان ٽيلي ويزن تي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ خبرون ۽ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو. پاڪستان ٽيلي ويزن جي تاريخ ۾ 38 سالن تائين لڳاتار ڪم ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ اڪيلو آرٽسٽ ۽ اينڪر آهي، کيس مختلف موقعن تي ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام بہ مليا. پروفيسر سليم ميمڻ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ۾ ڪيترن سالن تائين سماجي خدمتون سرانجام ڏيندي مختلف عهدن تي رهيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران سندس خدمتن جي مڃتا ۾ کيس اعليٰ اعزاز ’گريجوئيٽ گولڊ ميڊل‘ 1991ع ۾ کيس ڏنو ويو. پاڻ سنڌ جي اوائلي اداري، سنڌ مدرسي بورڊ جو پنجن سالن تائين اعزازي سيڪريٽري بہ رهيو آهي. ان کانسواءِ مهراڻ تعليمي فائونڊيشن جو 1991ع کان اعزازي سيڪريٽري آهي. اها فائونڊيشن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليمي ادارا هلائي رهي آهي. هي يونائٽيڊ ميمڻ جماعت آف پاڪستان جي مينيجنگ ڪاميٽي جو 2010ع کان عهديدار آهي. هي 92-1993ع ۾ ڪافي عرصي تائين ’جاڳو‘ اخبار ۾ ’ککر ۾ کڙو‘ جي عنوان سان ڪالم لکندو رهيو آهي. 1973ع کان سندس ليک، مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهن ٿا، جن مان ڪجهہ مقالا ۽ مضمون ”وکريل ورق“ جي نالي سان ڪتاب ۾ 2010ع ۾ شايع ٿيا آهن. فيض صدي جي حوالي سان فيض تي لکيل ٽن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران شايع ڪرايا ويا آهن. جن ۾: (1) ’فيض سان رهاڻيون‘ (2010ع)، (2) ’فيض: يادون ۽ ڳالهيون‘ (2013ع)، (3) ’جن کي عشق جي ڏوھہ تي ناز هو‘ (2013ع) شامل آهن. محترمہ بينظير ڀٽو جي 1987ع کان 2007ع تائين مختلف اردو رسالن ۽ اخبارن کي ڏنل انٽرويوز مان چونڊ انٽرويو ”تم جیت گئے ہم ہار گئے“ نالي ڪتاب ۾ سهيڙيا اٿس، جيڪي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2012ع ۾ شايع ٿيا آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران ڪرايل ڪانفرنسن مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ شاھہ لطيف ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙي پيش ڪيائين، جيڪي پڻ ثقافت کاتي سنڌ سرڪار پاران شايع ڪيا ويا آهن: (1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (شخصيت، فن ۽ فڪر: 2011ع)، (2) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جو موجودہ حالتن تي اطلاق (2012ع). ان کان سواءِ سندس لکيل مضمونن ۽ مقالن جو هڪ وڏو انگ مختلف رسالن ۽ ’ڪلاچي جرنل‘ ۾ وکريو پيو آهي. ڊاڪٽر فھميدہ حسين کانپوءِ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي تحقيقي جرنل ’ڪلاچيءَ‘ جو 2008ع کان هيل تائين پروفيسر سليم ميمڻ ايڊيٽر جون ذميواريون سرانجام ڏيندو ٿو اچي. هو ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ٻہ ڏيهان ڏيهي ۽ ڪيتريون ئي قومي ڪانفرنسون منعقد ڪرائي چڪو آهي. ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي مقالا بہ پيش ڪيا اٿس. 2012ع ۾ دهليءَ ۾ ’نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج‘ (NCPCL) اداري پاران ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني اديبن جي وفد جي اڳواڻي ڪندي، ڪانفرنس ۾ مقالو پيش ڪيائين. 2011ع ۾ ڀوپال هندستان ۾ سارڪ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وفد جي اڳواڻي ڪندي صوفي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري مقالو پيش ڪيائين، سنڌي کان سواءِ اردو ۽ انگريزي ۾ سندس ليک، مقالا ۽ مضمون شايع ٿيل آهن.