سليم ناصر

سليم ناصر

سليم ناصر

سليم ناصر: فلم ۽ ٽي وي جو مشھور اداڪار سليم ناصر 15 نومبر 1944ع تي ناگپور (گڏيل هندستان) جي هڪ پٺاڻ خاندان ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سيد شير خان هو. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ اداڪاري جي شعبي ڏانھن رخ ڪيو. فني زندگيءَ جي شروعات پاڪستان ٽيلويزن لاهور سينٽر جي ڊرامي ’ليمپ پوسٽ‘ ۾ اداڪاري سان ڪئي. هن 400 جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۽ 27 سيريلز ۾ ڪم ڪيو. سندس مشھور ٽي وي سيريلز ۾: ’دستک‘٬’آخری چٹان‘٬’سفید سایہ‘٬ ’جهوک سیال‘٬ ’پل‘٬ ’زنجیریں‘٬ ’جزیرہ‘٬ ’دستک‘٬ ’آنگن ٹیڑھا‘٬ ’ان کہی‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڏهن فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي، جن ۾: ’سچا جهوٹا‘٬ ’زیب النساءِ‘ ۽ ٻيون شامل آهن. ان کان علاوہ هن ’ٽي وي ٽائمز‘ ۽ ’ٽي وي ٽيمپو‘ جي نالي سان تفريحي رسالا پڻ شايع ڪيا. سندس فني خدمتن عيوض کيس پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ (1990ع) مليو. 19 آڪٽوبر 1989ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ سليم ناصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.11.15  عيسوي

فلم ۽ ٽي وي جو مشھور اداڪار سليم ناصر 15 نومبر 1944ع تي ناگپور (گڏيل هندستان) جي هڪ پٺاڻ خاندان ۾ جنم ورتو.


1989.10.19  عيسوي

سليم ناصر 19 آڪٽوبر 1989ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم راڄپر ڊاڪٽر
فاطمہ ڀٽو
محمدعثمان سومرو
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
الھداد زرداري
ڄام سَپڙُ
خان خانان بيرام خان
آصف هالائي
ڄام راهو
ڄام اوٺو جاڙيجو سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون