سمائر قبيلو: سمائر دراصل سمه ور يعني سما ور جو بدل نظر اچي ٿو. اهڙا ڪافي لفظ آهن، جيئن تہ: فيروز، طاقت ور، بختاور، دانشور وغيرہ. سما خاندان جي حڪومت جا واقع تفصيل سان ملن ٿا.
دهلي جي بادشاھہ محمد تغلق جي آخري دؤر ۾ مسلمانن جي ڪوششن ۽ مدد سان حڪومت سومرن جي هٿن مان نڪري سمن جي تسلط هيٺ ٿي. هن خاندان جا اڪثر سردار مسلمان هئا. فارسي مؤرخن، ‘سمه’ کي بصورت جمع سمگان لکيو آهي. ڪن وري سماس تہ ڪن سامري بہ لکيو آهي. سما مذهباً مسلمان هئا، مگر سندن نالا هندي ۽ عربي ۾ گڏيل هئا. هن قبيلي کي ڪي مؤرخ عرب نسل سان ڳنڍي کين عڪرمه بن عصام بن ابوجهل تائين ٿا پهچائين ۽ سنڌ ۾ سندن نسل کي محمد بن قاسم سان گڏ ملائين ٿا. ڪي مؤرخ هنن کي سام بن عمر بن هشام بن ابولهب جو اولاد ٿا ٻڌائين. اهڙيءَ طرح ‘تاريخ فرشته’ ۽ ‘آئين اڪبري’ کين ڄام لقب سبب ايراني بادشاھہ ‘جمشيد’ جو اولاد ظاهر ڪيو آهي. سما قبيلي وارا ابتدا ۾ ٺٽي ديبل جا حاڪم ٿي رهيا. مذهبي لحاظ کان هي اهل سنت مسلمان هئا. راءِ بهارو، ڄام سهتو، ڪڇ جو راجا پڻ هن قبيلي مان هو. ملتان جي غوثيه خاندان ۽ اُچ جي بخاري خاندان سان سما قبيلي جا روحاني تعلقات هئا. ابتدا ۾ ميرپور ساڪرو ڀرسان محمد طور (تور) شھر ٻڌائون، ان جي بربادي کانپوءِ سکر جي پرڳڻي ۾ اچي آباد ٿيا. موجودہ سمائر قبيلو پڻ انهن منجهان آهي. سندن اصلي نالو سماور آهي، جيڪو بدلجي سمائر ٿي ويو. سمائر ڏهين صدي هجري ۾ هتي آيل معلوم ٿين ٿا. اميراڻي خاندان جي ٽن نيڪ مردن ۽ بااثر فردن موجودہ برٿ، سلطانپور ۽ حاصل واهڻ ڳوٺ آباد ڪيو. سندن نالا برٿ، سلطان احمد ۽ حاصل هئا، تنهنڪري ٽيئي ڳوٺ (شھر) اڄ بہ انهن جي نالن ۽ نسبت سان معروف ۽ مشھور آهن. اهڙي طرح ٽيئي ديهون: ديھہ برٿ، ديھہ سلطانپور ۽ ديھہ حاصل پنھنجي نالن ۽ شناخت سان واقع آهن.
سما قبيلي وارن خصوصاً اميرن جي نالن منجهان معلوم ٿو ٿئي تہ شروع ۾ هو پنهنجا نالا علائقائي ۽ قومي طرز جا رکندا هئا. پر پوءِ دهلي جي سلطانن جي زير اثر ۽ پيروي ۾ عربي القاب ۽ شناخت اختيار ڪندا آيا. جھڙوڪ سمه خاندان جو باني ڄام اُنڙ اول کان ئي اهل سنت مسلمان هو. سندس لقب ملڪ فيروز خان هو. ڄام راءِ ڏنو نالو بظاهر هندو آهي، پر هو خود هڪ راسخ العقيده اهلِ توحيد مسلمان هو. جيئن تہ سمائر (سماور) قبيلي جا هي ٽيئي وڏا پڻ سما خاندان جا فرد معلوم ٿين ٿا، تنهنڪري صاف چئي سگهجي ٿو تہ نالو تہ برابر هندو طرز جو آهي. پر جيئن تہ هي قبيلو بنيادي طور اسلام سان روشناس رهندو پئي آيو. سمائر (سماور) قبيله وارا ٽن ديهن ۽ ڳوٺن کان سواءِ ڪڇ جي خاص علائقن بدين جي سامونڊي ڪنارن ۽ ضلعي خيرپورميرس جي اوڀرندي حصي ۾ آباد ملن ٿا.